لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) پيپلز پارٽي جي سياسي قبلي لاڙڪاڻي ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، ضلع ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ ماڻڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع آهي. لاڙڪاڻي شهر جي 20 يونين ڪاميٽين مان 18 يونين ڪاميٽين تي پيپلز پارٽي جا ۽ جي ڊي اي جا 2 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ڪامياب ٿيا. پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جو ڀاءُ، سينيئر صحافي ۽ يونين ڪاميٽي حيدري جي يوسي 2 جو چيئرمين منير سومرو مضبوط اميدوار آهي. ميئرشپ ماڻڻ لاءِ اڳوڻو ميئر ۽ ٽائون ڪاميٽي دڙي جي يوسي 5 جو چيئرمين خيرمحمد شيخ، يوسي هڪ جو چيئرمين محمد امين شيخ، اڳوڻو ڊپٽي ميئر ۽ ٽائون ڪاميٽي حيدري جي يوسي هڪ جو چيئرمين انور علي نواز لهر، يوسي 3 جو چيئرمين شفيق احمد چانڊيو، سچل ٽائون ڪاميٽي جي يوسي هڪ جو چيئرمين دانش لغاري، ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي يوسي هڪ جو چيئرمين ابراهيم کوسو به سرگرم آهن. اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جو ڀاءُ دڙي ٽائون ڪاميٽي جي يوسي 5 جو وائيس چيئرمين شاهه رخ سيال چيئرمين جو مضبوط اميدوار آهي جڏهن ته ٻين اميدوارن جي نالن تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي 4 ٽائون ڪاميٽين جي چيئرمين شپ ماڻڻ لاءِ به پيپلز پارٽي جا اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. حيدري ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ يوسي 2 جو وائيس چيئرمين عبدالحق کهاوڙ، يوسي 3 جو وائيس چيئرمين علي مراد ميراڻي، يوسي 4 جو وائيس چيئرمين سيد ظفر علي شاهه ۽ يوسي 5 جو منور لهر به سرگرم ٿي ويا آهن. ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ يوسي 3 جو وائيس چيئرمين وقار ڀٽو، يوسي 2 جو وائيس چيئرمين آفتاب اصغر عباسي، يوسي 5 جو وائيس چيئرمين مير ماجد بروهي، يوسي هڪ جو انعام گل سانگي، سچل ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ سچل ٽائون يوسي 3 جو وائيس چيئرمين سرائي سرفراز کوکر، يوسي 4 جو وائيس چيئرمين عبدالوهاب رند اميدوار آهن. دڙي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ يوسي 2 جو وائيس چيئرمين اسد کرل ۽ 5 جو وائيس چيئرمين محمد هارون هليو اميدوار آهن. چيئرمين ضلع ڪائونسل جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو جنرل سيڪريٽري ۽ يونين ڪائونسل ڳڙهي خدابخش تان ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر اعجاز احمد لغاري مضبوط اميدوار آهي. ان کان علاوه پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ يونين ڪائونسل وڏا مهر جو ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سيد رياض حسين شاهه، يونين ڪائونسل ٿرڙي ايٽ ڪنگا جو ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل عامر زيب جتوئي، سليم جتوئي ايم اين اي خورشيد جوڻيجو جو پٽ بلند خان جوڻيجو ۽ ٻيا پڻ ڊوڙ ۾ شامل آهن.