آريجا(رپورٽ: احمد نواز بلوچ) باقراڻي تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي آريجا جي 7 ئي وارڊن ۾ پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا هئا ، جن ۾ سردار محمد محسن آريجو ، حزب الله آريجو، خالد سيف الله آريجو ، شاهنواز سنديلو، محمد اويس سھڙو، ممتاز علي کوهارو ۽ احمد علي سھڙو شامل آهن. جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي آريجا جي چيئرمين لاءِ محسن علي آريجو، حزب الله آريجو، شاهنواز سنديلو ۽ وائيس چئيرمين لاءِ خالد سيف الله آريجو، اويس سهڙو پاران ڊڪ ڊوڙ شروع ڪئي وئي آهي. پ پ جي ويجهن ذريعن موجب چيئرمين شپ لاءِ محسن علي آريجو ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ شاهنواز سنديلو، خالد سيف الله آريجو جا نالا پ پ پ قيادت وٽ زير غور آهن.