اسلام آباد: اڳوڻي پيمرا چيئرمين ۽ سينيئر صحافي ابصار عالم تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن دوران کيس پيٽ ۾ گولي لڳي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ابصار عالم گهر جي ٻاهر پارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو ته نامعلوم هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن سبب گولي سندس پيٽ ۾ لڳي. ابصار عالم کي فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي سندس آپريشن ڪيو پيو وڃي.