لاهور: پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان لاهور ۾ رحمت العالمين جي مسجد ٻاهران پنهنجو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ سان معاهدو مڪمل ٿي چڪو آهي.
اسان ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اهو ڪري ڇڏيو آهي. ڌرڻي جي ٻنهي طرفن جا رستا کوليا ويا ، پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا ڪارڪن منتشر ٿيڻ لڳا ۽ روڊ جي ٻنهي پاسي ٽريفڪ جاري ٿي وئي.
تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مذاڪراتي ڪميٽي جي سربراه علامه شفيق اميني ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ، ان موقعي تي تحريڪ لبيڪ شوريٰ جا ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا. شفيق اميني چيو ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪندي پنهنجو واعدو پورو ڪيو ، قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد تي پڻ بحث ڪيو ويو ،هاڻي احتجاج ۽ ڌرڻن جي ضرورت ناهي، مرڪزي ڌرڻي سميت سمورا ڌرڻا ختم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٻين معاملن تي پڻ مثبت پيش رفت ٿي رهي آهي، اڳواڻ سڀني معاملن کي ڏسي رهيا آهن ، ڪارڪن پرسڪون رهن.