اڳوڻو اٽارني جنرل انور منصور خان معافي وٺي: سرينا عيسيٰ

0
284
سرينا عيسيٰ شڪايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسي اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور خان کي ٻيو خط لکي لڳايل الزامن تي معافي طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سرينا عيسيٰ 8 مئي تي پهرين خط ۾ انور منصور خان کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. سرينا عيسيٰ لکيو آهي ته اوهان کان يوٽيوب چينل تي ڏنل انٽرويو لاءِ معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو، توهان پاران جواب نه ڏيڻ تي پنهنجو جواب ڏيڻ جو حق رکان ٿي. هن لکيو ته آئون پنهنجي مڙس پويان نه لڪيس پر توهان حڪومت ۽ ڪوڙن ماڻهن پٺيان لڪيا. 12 مئي جي سانحي ۾ ، توهان ڊڪٽيٽر ،ڍ جو ساٿ ڏنو. فوج جي نوڪري مان تڪراري ٿي نڪرڻ بعد توهان قانون جي شعبي کي به داغدار ڪيو.