پي ڊي ايم پاران عيد کانپوءِ پ پ ۽ اي اين پي کي اتحاد ۾ دعوت ڏيڻ جو فيصلو

0
290

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم عيد کانپوءِ پ پ ۽ اي اين پي کي ٻيهر اتحاد ۾ شموليت جي دعوت ڏئي سگهي ٿي. ان حوالي سان ن ليگ جي قائد نواز شريف، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو. جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عيد کانپوءِ پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏايو ويندو، جنهن ۾ پ پ ۽ پي ڊي ايم کي اتحاد ۾ ٻيهر شموليت جي دعوت ڏيڻ جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ٽنهي اڳواڻن گفتگو دوران موجوده حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تي تفصيلي طور ڳالهايو ۽ اهو اتفاق ڪيو ويو ته عيد کان فوري بعد حڪومت مخالف تحريڪ هلائي ويندي. گفتگو ۾ اهو به اتفاق ڪيو ويو ته شهباز شريف پي ڊي ايم جي پارٽين سان رابطي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو.