اڪري چودڳي پوليس مبينا اغوا ٿيل 2عورتن ۽ 3ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

0
449

اڪري چودڳي پوليس مبينا اغوا ٿيل 2عورتن ۽ 3ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، اڪري چودڳي ويجهو مبينا اغوا ٿيل  2عورتون ۽ سندن3 ٻارڙا بازياب نه ٿيا، وارث پريشانين ۾ وٺجي ويا

مغوين جي وارثن  جو چوڻ آهي ته ڳوٺ سانگهڙجي ويرومان پلاند ۾  الهجوائي لاشاري ۽ سندس 2 پٽن کي4مهينا اڳ اغوا ڪيو ويو

محمد پريل لاشاري جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ جوابدارن جا گهر  ڏيکارڻ باوجود پوليس زال ۽ ٻن پٽن کي  بازياب نٿي ڪرائي

جڏهن ته ڳوٺ کنياري مان مسمات پياري  ۽سندس 7سالا ڌيءَ سورٺ چاڪراڻي  جي مبينا اغوا کي 10 ڏينهن گذري ويا پر پوليس قدم نه کنيا

هي به پڙهندا

ڊکڻ ويجهو پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙو، فائرنگ، پيءُ پٽ قتل