ڪنڌڪوٽ/ڪرمپور (رپورٽ: عمران کوسو/سيف الله بجاراڻي) ڪنڌ ڪوٽ شهر مان اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ سمرت ڪمار ڊيل ذريعي ڳڙهي تيغو مان بازياب:  4 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾ ڪنڌ ڪوٽ شهر مان 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 3 سالن جي معصوم ٻالڪ سمرت ڪمار کي شڪارپور پوليس هٿياربندن سان مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ موجب ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪارروائي ڪئي جنهن دوران ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، هٿياربند پوليس جو گهيرو تنگ ڏسي ٻالڪ سمرت ڪمار کي ڇڏي فرار ٿي ويا، هن چيو ته ٻالڪ سمرت کي بنگوار گينگ اغوا ڪيو هو  ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته ڪارروائي دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن کي نامعلوم هنڌ رکي پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي چيو ته شڪي ماڻهن جو انگ 4 کان 5 آهي، جيڪي بنگوار گينگ سان تعلق رکن ٿا، ايس پي امجد شيخ چيو ته اسان کي اڳواٽ اطلاع هئا ته ٻالڪ سمرت کي ڳڙهي تيغو ۾ رکيو ويو آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪئي وئي، ايس ايس پي چيو ته سمرت جي امڙ جي هنج خالي هئي، سندس دانهون ۽ آهون ڪنهن کان ٻڌيون نه پي ٿيون، هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، جلد سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو، هوڏانهن معصوم ٻالڪ سمرت ڪمار جي بازيابي واري خبر تي سندس گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي، ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته ٻالڪ سمرت ڪمار کي ڊيل تحت ڳڙهي تيغو جي علائقي مان بازياب ڪرايو ويو آهي،  رات دير سان ايس پي امجد شيخ ٻالڪ سمرت  کي ڪنڌڪوٽ ۾ وارثن حوالي ڪيو، ان موقعي تي شهر ۾ جشن  جو سمان هو، ايس ايس پي کي مبارڪون ڏنيون ويون ان موقعي تي سمرت جي والد  چيو ته شهرواسين جي مدد سان سندس پٽ جي بازيابي ممڪن ٿي آهي،  واضح رهي ته ٻالڪ سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ ڪالهه سڄي سنڌ ۾ سياسي سماجي، مذهبي ۽ قومپرست تنطيمن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا هئا.