کپرو: اڇڙي ٿر جو باهه متاثر علائقو خيرپور ميرس جي ديھه  ڪوٽ جبو جو علائقو آھي، ورهاڱي کان اڳ هي علائقو ميرن جي جاگير هو،  هتي ٺڪر برادري  سان گڏ راڄڙ برادري رهائش پزير هئي  ۽ آھي، هن علائقي کي ميرن 1818 ع  مقامي ماڻھن ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ جاگيرداري نظام نافزذ لاڳو ڪيو، مختلف برادرين ۾  هڪ راڄ جي معزز ٺاهي ان کي لکت ايريا جي  سند ٺاهي  ڏني  جنهن   علائقي ۾ رهندڙ   برادري  سالانو  ڏن  ڏيندي هئي، هر کوهه  جي سند  اتي رهندڙ ماڻھن کي ڏني وئي، ان مالڪي اها سند رکنڙ ڪندو، ميرن جي صاحبي  ختم ٿيڻ بعد  اڇڙوٿر جو سمورو علائقو اڄ  به ميرن جي ڏنل جاگيرداري واري سسٽم تحت هلي ٿو. ٺڪر سان گڏ رهندڙ ماڻھن جو   تعلق به  حرجماعت سان آھي، هتي  حر جماعت جي اڪثريت آھي، جنهن ڪري هتي رهندڙ ماڻھون  حرجماعت جي طور طريقي تحت خانگي طور هي علائقو مقامي ماڻھن ۾  1818ع  واري دستور موجب تقسيم ٿيل آھي،ان دور جي سروي ٿيل آھي هن علائقو بلاڪن ۾ تقسيم ڪيل آھي، باهه متاثر علائقو 47 ۽ 48 بلاڪ جو آھي، جنهن تي مالڪي صرف اتي ئي رهندڙ ماڻهن جي آھي  پر ڪجھه سالن بعد ٻين علائقن جا ماڻھون سانگ سانگي آيا، يعني ٻين علائقن ۾ گاهه نه هجڻ سبب آيا ۽ قبضا ڪري ويهي رهيا، جنهن سبب اصلوڪن ۽ رهاڪو ماڻھن ۾  تڪرارهلندڙ  آھي.