کپرو: ذريعن موجب ته  باهه جي شروعات ڊاڻين واري علائقي کان ٿي آھي، سنجرواري پوسٽ  جهوڏ بارٿي  ڊاڻي اڪبر واري رينجرس پوسٽ  واري علائقي ۾ لڳل باهه جي پکيڙ 40کان ڪلوميٽر جي آس پاس وارو علائقو لپيٽ ۾آيل آھي، جتي جهنگلي جيوت هرڻ ۽ ٻيا جانور وڏي تعداد ۾ رهن  ٿا، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب باهه متاثر علائقو ڀارتي سرحد جي ويجهو آھي، جڏهن ته اڃا تائين واضح نه ٿي سگهيو آهي ته باهه جي شروعات ڪهڙي علائقي کان ٿي آهي.