اپوزيشن پاران پيٽرول جي اگهن م اضافو رد عمل، حڪومت تي شديد تنقيد!!

0
234
پي ايس او ۽ شيل مخلتف

اسلام آباد: اپوزيشن پاران پيٽرول جي اگهن ۾ وڌايل اضافي کي رد ڪري ان کي عوام دشمن فيصلو قرار ڏنو آهي. پ پ جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته تباهي سرڪار مني بجيٽ ڏيئي دعويٰ ڪري ٿي ته عوام کي رليف ڏنو آهي، پيٽرول جا اگهه 5 رپيا وڌائي ڪهڙو رليف ڏنو ويو آهي؟ اڳ ئي عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، حڪومت فيصلو واپس وٺي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ وزير اعظم ۽ اوگرا جي ملي ڀڳت آهي. جي يو آءِ پڻ پيٽرول اگهن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ اڳواڻ اسلم غوري چيو ته نااهل حڪمرانن عوام جي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.