سجاول ۾ گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ سبب برسات جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل!!

0
213

سجاول:شھر ۾ برسات ضلعي انتظاميه جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، انتظاميه پاران گٽرنالن جي صفائي نه ڪرائڻ سبب برسات جو پاڻي دوڪانن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ويو. برسات جو پاڻي دوڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب دوڪاندارن جو لکين روپين جو نقصان ٿيو، واپرين پاران وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سجاول انتظاميه خلاف نوٽيس وٺي گٽر نالن جي صفائي ڪرائي وڃي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهون.