انگلينڊ يورو ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
379

لنڊن (اسپورٽس نيوز) يورو ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڊينمارڪ کي 1-2 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. انگلينڊ جو فيصلائتو گول ڪپتان هيري ڪين پنالٽي ڪڪ تي ڪيو. يورو ڪپ فٽبال ۾ ٻئي سيمي فائنل جي پهرين هاف ۾ انتهائي دلچسپ مقابلو ٿيو، ڊينمارڪ جي ڊيمز گارڊ 30هين منٽ تي گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري، پر 39هين منٽ ۾ ڊينمارڪ جي سائمن ڪيار پنهنجي ئي گول ۾ بال اڇلي برتري ختم ڪري ڇڏي. يورو ڪپ جو فائنل آچر تي انگلينڊ ۽ اٽلي وچ ۾ ٿيندو.