انيل ڪپور جوان رهڻ لاءِ نانگ جو رت پيئندو آهي:مداح

0
753

ممبئي ( شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور جي حوالي سان چيو ويو آهي ته هو پاڻ کي نوجوان رکڻ لاءِ نانگ جو رت پيئندو آهي.انيل ڪپور اداڪار ارباز خان جي شو جو  مهمان بڻيو جتي کيس چاهيندڙن جي راءِ بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ سوشل ميڊيا ٽرولز به پڙهي ٻڌايا ويا.ارباز خان جي ويب شو جي هڪ سيگمينٽ دوران انيل ڪپور جي چاهيندڙن سندس جوانيءَ کي ساراهيندي چيو ته اداڪار پاڻ کي نوجوان رکڻ لاءِ نانگ جو رت پيئندو آهي.اداڪار جي چاهيندڙ هڪ عورت چيو ته شايد انيل ڪپور پنهنجي گهر ۾ به پلاسٽڪ سرجن سان گڏ رهندو آهي.

انيل ڪپور ٽهڪ ڏيندي چيو ته ڇا توهان ماڻهن کي منهنجي خلاف ڳالهائڻ لاءِ پئسه ڏنا آهن؟جنهن جي جواب ۾ ارباز خان مسڪرائيندي چيو ته” اهي عام ماڻهو آهن، پئسه نه ڏينداسين“واضح رهي ته بالي ووڊ جي ڪيترن ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ انيل ڪپور هن وقت 64 سالن جو آهي ۽ ان جي فٽنس کي مداح تمام گهڻو ساراهيندا آهن.