ون ڊي دنگل: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ اڄ دوبدو: ٽرافي جي نمائش

0
180

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جو پهريون مقابلو اڄ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو. پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو پريڪٽس سيشن ٿيو، جڏهن ته مهمان ٽيم به ٽريننگ ۾ رڌل نظر آئي. قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي موجب نيوزيلينڊ ٽيم ۾ پاڪستان کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي صلاحيت آهي، هاڻ کان ئي تياريون شروع ڪنداسين ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ خطرناڪ ٽيمن سان مقابلو ڪري سگهنداسين. ٻئي پاسي ون ڊي سيريز جي ٽرافي نمائش ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم  جي ڪپتان بابر اعظم ۽ نيوزيلينڊ جي ڪپتان گڏيل طور رونمائي ڪئي.