اندور(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڀارت کي ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي آءِ سي سي ٽيسٽ چئمپئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. اندور ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي، پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم پهرين اننگز ۾ 109 رنز تي ڍير ٿي وئي جڏهن ته آسٽريليا 197 رنز ٺاهيون ۽ پهرين اننگ ۾ 88 رنز جي برتري حاصل ڪئي، پر ٻي اننگز ۾ ڀارتي ٽيم 163 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ ڪينگروز کي 76 رنز جو هدف مليو. آسٽريليا جارحاڻي راند پيش ڪندي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ئي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ميچ ۾ آسٽريليا طرفان ناٿن ليان 11 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ميٿيو ڪوهنيمن 6 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. آءِ سي سي ٽيسٽ چئمپين شپ جي فائنل لاءِ ڀارٽي ٽيم کي چوٿين ٽيسٽ ۾ لازمي ڪاميابي گهربل آهي، ميچ ڊرا يا هارائڻ جي صورت ۾ ڀارت جي فائنل کيڏڻ جي امڪان کي ڌچڪو لڳي سگهي ٿو.