اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته امن امان جي آڙ ۾ سنڌ جي معاملن ۾ مداخلت غيرقانوني ۽ غير آئيني هي، تازو ئي پنجاب ۾ ٽي ايل پي جي مظاهرن سڄو صوبو جام ڪري ڇڏيو، پنجاب جي معاملي ۾ وفاقي حڪومت خاموش رهي، جيڪو عمل ٻٽو معيار ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ 2 وزيرن جو وفاق ۽ صوبي وچ ۾ تڪرار وڌائڻ ۾ ذاتي مفاد آهي.