امن تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن شرعي قانونن موجب سزائون ڏنيون وڃن: طالبان ترجمان

0
249
طالبان انساني بنيادن تي

ڪابل؛ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته امن تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن شرعي قانونن موجب سزائون ڏنيون وڃن.

خابرو اداري سان ڳالهائيندي ذبيح الله مجاهد چيو ته هن ڀيري سزائون ڏيڻ کان اڳ ۾ مڪمل جاچ ڪئي ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هيبت الله اخونزاده حيات آهي، هو سربراه آهي ۽ افغانستان جي نئين حڪومتي سيٽ اپ جو اهم حصو هوندو.

پنجشير صوبي ۾ احمد مسعود جي مزاحمت جي حوالي سان هن چيو ته طالبان امن چاهين ٿا ۽ کيس 80 سيڪڙو اميد آهي ته ڳالهين وسيلي مسئلو حل ٿي ويندو.