وفاقي حڪومت پنجون ڀيرو ايف بي آر چيئرمين هٽائي ڇڏيو

0
209
ايف بي آر چيئرمين
وفاقي حڪومت پنجون ڀيرو ايف بي آر چيئرمين هٽائي ڇڏيو!

اسلام آباد: وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عاصم احمد کي 9 اپريل 2021 تي چيئرمين ايف بي آر مقرر ڪيو ويو ، پر هاڻي ان کي تبديل ڪيو ويو آهي.

اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري موجب ڊاڪٽر محمد اشفاق کي نئون چيئرمين ايف بي آر مقرر ڪيو ويو آهي.

هڪ پريس ڪانفرنس ۾ فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر محمد اشفاق کي نئون چيئرمين ايف بي آر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 2018 کان 5 ايف بي آر چيئرمينن کي تبديل ڪري چڪي آهي.