ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جي اليڪشن ڪميشن جي توهين واري نوٽيس جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن ۽ اسد عمر جا وڪيل پيش ٿيا جڏهن ته  اسد عمر پاڻ پيش نه ٿي سگھيو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته توھين وارن رمارڪس تان اسد عمر کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، عدالت اسان کي حتمي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آھي، جنهن سبب  اڳڀرائپ نه ٿي سگھي آھي، جنهن تي اسد عمر جي وڪيل انور منصور چيو ته اسد عمر اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿي جواب به جمع ڪرايو پر اليڪشن ڪميشن سندس جواب رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن اسد عمر ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪا عدالت ناهي، جيڪا ڪنهن تي فرد جرم لاڳو ڪري، عدالت اليڪشن ڪميشن کي توهين عدالت جي نوٽيس تي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪڻ واري جاري ٿيل حڪم نامي ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت اليڪشن ڪميشن کي ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.