ڪراچي(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزياڪار حامد مير چيو آهي ته عمران خان اپوزيشن کي گرفتار ڪرڻ تي به جنرل باجوه کي مدي ۾ واڌ جي آچ ڪئي انڪار تي کيس وقت کان اڳ رٽائر ڪرڻ چاهيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم انجم به سندس غيرآئيني ۽ سياسي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، لانگ مارچ ۾ رتوڇاڻ جو وڏو امڪان آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جنرل باجوه کي اپوزيشن جي قيادت کي گرفتار ڪرڻ جو چيو ته پر هن اپوزيشن کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته عمران کيس وقت کان اڳ هٽائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تي جنرل باجوه پاڻ ئي حڪومت کي ٻڌايو ته مدي ۾ واڌ قبول نه ڪندس. جنهن تي عمران خان حيران ٿي ويو. هن چيو ته عمران ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل نديم احمد انجم کي به پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ ڀيرو هن چيس ته اهي حڪم لکت ۾ ڏيو جنهن تي عمران خان لکت ۾ حڪم ڏيڻ کان انڪار ڪيو ٻيهر چوڻ تي چيائين ته اهو سياسي ڪم آهي اهو ڪم ڪريان ته توهان پنهنجي ڪرسي مون کي ڏيو. هن چيو ته لانگ مارچ ۾ تشدد جو پورو خطرو موجود آهي.