اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردي ڪيس ۾ عمران خان کي حاضري کان ڇوٽ ڏيندي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي ۽ ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن بينڪنگ ڪورٽ فارن ڪرنسي ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي ۽ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.