اليڪشن کٽي ڪراچيءَ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس: بلاول ڀٽو جو ڪراچي ۾ ريلي کي خطاب

0
60

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن کٽي ڪراچيءَ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيندس، ڪراچي جا ماڻهو ووٽ ڏيندا ته وفاق ۾ به پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي، ڪراچيءَ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو

May be an image of 1 person, crowd and text

 بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چونڊ مهم لاءِ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان کٽنداسين ته پهريون ڀيرو بلدياتي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت اسان جي هٿن ۾ هوندي

بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ بلاول هائوس مان نڪتل ريلي جي شهر جي مختلف هنڌن تي آجيان، ڪارڪنن پاران گلن جي ورکا، بلاول جي ريلي مختلف علائقن مان ٿيندي ملير جي دائود چورنگي ۾ پڄاڻيءَ تي پهچندي

هي به پڙهندا

نواز شريف انتظاميا تي دٻاءُ وجهي اليڪشن ۾ گڙٻڙ ڪرڻ چاهي ٿو: بلاول ڀٽو