افغانين کي نيڪالي ڏيڻ تي پاڪستان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا: افغانستان جو بچاءَ وارو وزير

0
266

پاڪستان جي افغان شهرين سميت غير قانوني پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ واري جاري مهم دوران افغانستان جي وقتي دفاع واري وزير جي مبينا آڊيو سامهون آئي آهي، جنهن کي عالمي ميڊيا پڻ رپورٽ ڪيو آهي

مبينا آڊيو ۾ طالبان حڪومت جي وقتي بچاءَ واري وزير ملا محمد يعقوب مجاهد پاڪستان کي ڌمڪي ڏني آهي ته پاڪستان جو جيڪو پوکي پيو، اُهو ئي لڻندو

آڊيو ڪلپ ۾ افغان دفاعي وزير الزام هنيو آهي ته پاڪستان افغان شهرين جون ملڪيتون ۽ اثاثا ضبط ڪري رهيو آهي، هُن مطالبو ڪيو ته افغانين شهرين سان ورتاءُ بهتر ڪيو وڃي

افغانستان جي طلوع نيوز موجب افغان وزير زور ڀريو ته اهڙن عملن کان پاڪستان جيڪو افغان شهرين سان ورتاءُ ڪري رهيو آهي، افغانستان اُن کي روڪڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندو