عوام هن ڀيري لاهور جو وزير اعظم نه چونڊيندو: بلاول ڀٽو زرداري

0
95
عوام هن ڀيري لاهور جو وزير اعظم نه چونڊيندو: بلاول ڀٽو زرداري
عوام هن ڀيري لاهور جو وزير اعظم نه چونڊيندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن ڀيري عوام لاهور جو وزير اعظم نه چونڊيندو

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي سدائين چونڊن لاءِ تيار هئي، ڪو ٻيو چونڊن کان ڀڄي رهيو هو، اليڪٽورل ڪاليج پورو ٿيڻ تائين صدر عارف علوي عهدي تي رهي سگهي ٿو

هن چيو ته صدر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندڙ نواز ليگ کان سوال آهي ته اسان 16 مهينن دوران صدر خلاف قانوني قدم ڇو نه کنيا؟

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري تي تير جي نشان وارو اُميدوار ئي کَٽي ويندو، مخالف ڀلي گڏجي وڃن، تڏهن به پيپلز پارٽي کي هارائي نٿا سگهن

هن چيو ته اسان جو سمورين سياسي پارٽين سان رابطو رهندو، پر پيپلز پارتي پنهنجي همت ۽ منشور تي اليڪشن وڙهندي، 9 مئي جي سازش ۽ حملن ۾ ملوث ماڻهن کي عوام توڙي سياسي پارٽيون معاف نه ڪنديون، پر جيڪي ماڻهو سازش ۾ ملوث نه هئا، انهن لاءِ معافي جي گنجائش هجڻ گهرجي

هن کي به پڙهندا

آصف زرداري ۽ نواز شريف پاران رياست بچائڻ لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق

سنڌ جي دل ڪراچي به جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي ڇڏيو: آصف زرداري