چمن (م ڊ) چمن ۾ پاڪ افغان بارڊر بابِ دوستي وٽ افغان حدن مان ٿيندڙ فائرنگ سبب هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ليويز اختيارين موجب فائرنگ کانپوءِ پاڪ افغان سيڪيورٽي اهلڪارن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، فائرنگ دوران بابِ دوستي کان پنڌ ايندڙ شهرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ليويز موجب پاڪستاني عملدارن جنگبندي لاءِ افغان اختيارين سان رابطو ڪيو آهي، واقعي کانپوءِ باب دوستي کي واپار ۽ پنڌ اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سرحد جي ٻنهي پاسي مال بردار ٽرڪون ۽ شهري ڦاسي ويا آهن. پاسڪتان افغان اختيارين سان احتجاج ڪيو ۽ حملي ۾ ملوث جوابدارن کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، طالبان جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ دهشتگرد طالبان جي ويس ۾ آيا، ۽ لڪي ويا پڪڙجي ناهن سگهيا. اطلاعن موجب ٻيو ڀيرو به چڪريون ٿيون جنهن بعد سرحد بند ڪئي وئي.