تلهار (رپورٽ: صديق ٿيٻو) تلهار ويجھو زمين مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار، جھيڙو، فائرنگ ۾ عورت قتل، 2 ڄڻا زخمي،  لاش رکي ڌرڻو، شهر بند، 9 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ تلهار  لڳ باواني شوگر مل وٽ  زمين مالڪي تان  ٻن گروپن ۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ تڪرار  تان جهيڙو  ٿي پيو، فائرنگ ۾ عورت مسمات  نازيا ماڇي  ٿڏي تي قتل ٿي وئي، جڏهن ته بهاول ماڇي ۽ نثار ماڇي زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو  ويو، ڇڪتاڻ بعد  مڇريل ماڻهن شھر بند ڪرائي ڇڏيو، مقتول عورت جي وارثن ۽ شهرين پاران لاش رکي بدين_حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو، انصاف لاءِ نعري بازي، ان موقعي تي   ڊي ايس پي ڌڻي بخش مري، ڊي ايس پي ذوالفقار    ۽ انسپيڪٽر انور لغاري پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي لاش اسپتال منتقل ڪرايو، ٻي طرف زخمي  بهاول ماڇي ۽ نثار ماڇي الزام مڙهيو ته اسان جي 12 ايڪڙ زرعي   زمين تي بااثرن  عمران ٽالپر، وسيم عرف راجا ممتاز خواجا ۽ عمران عرف پپي خواجا روينيو عملدارن سان ملي کاتا تبديل ڪري قبضو ڪيو آهي، اسان پنهنجي زمين تي وياسين ته بااثرن جي ماڻهن فائرنگ ڪري عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته   زمين جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪري   9 هٿيار بندن ڀورو لنجواڻي،مشتاق علي،امير بخش ڳهلڙو، ميرحسن ڀرڳڙي ،نورمحمد ملاح، نياز لنڊ،خادم لاشاري،الله بخش دستي ۽ نظير دستي  کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ته نثار ماڇي جي فرياد تي عمران ٽالپر، وسيم عرف راجا ممتاز خواجا، عمران عرف پپي خواجا سميت 12 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.