پيرس(م ڊ) فرانس جي راڄڌاني پيرس جي ايئرپورٽ تي 18 سالن کان رهندڙ ايراني شهري فوت ٿي ويو. مهران ڪريمي ناصري نالي اهو همراهه 1988ع کان روئس چارلس ڊي گال ايئر پورٽ تي هڪ هنڌ گهر ٺاهي رهيو پئي. 2004ع ۾ سندس زندگي تي دي ٽرمينل نالي فلم به ٺاهي وئي هئي جنهن ۾ ٽام هينڪس مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. هو 18 سال اڳ پنهنجي ماءُ کي ڳولڻ فرانس آيو هو ۽ ايئرپورٽ تي ئي رهي پيو هو. کيس فرانس ۾ رهڻ جي اجازت ملي وئي هئي پر هو ڪجهه عرصو ٻاهر وڃڻ بعد وري موٽي آيو هو. هو 1945ع ۾ ايران جي صوبي خوزستان ۾ ڄائو هو ۽ ماءُ جي ڳولا ۾ يورپ آيو پر بيلجيم، نيدرلينڊ، برطانيا ۽ جرمني کيس ڪڍي ڇڏيو جتان هو فرانس ويو ۽ اتي هن ٽرمينل 2 ايف تي گهر ٺاهي ورتو.