اشو آف دي ڊي … 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ ڪامريڊ ڇوڪري کي پرپوز ڪرڻ … منصور نثار

0
173
اشو آف دي ڊي ... 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ ڪامريڊ ڇوڪري کي پرپوز ڪرڻ ... منصور نثار

 سنڌ سوڌو سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي اهو ڏينهن ڇو ملهايو ويندو آهي ان ڏينهن جي شروعات ڪٿان ۽ ڪنهن ڪئي اها ته اوهان کي ضرور ڄاڻ هوندي، نه ته به اڄوڪي اخبارن ۾ اها ڄاڻ اوهان کي ضرور ملي ويندي سنڌ ۾ اڄ ڪير ۽ ڪٿان کان ڪهڙن نعرن سان مارچ ڪندو؟ اهو شيدول به اخبارن ۾ اچي چڪو آهي پر پاڻ اڄ ڳالهه ڪنداسين روين جي، سماج ۾ موجود اهڙن روين جي جنهن جو ذڪر عام طور ناهي ٿيندو، عورتن سان ٿيندڙ روين يا عورتن جي روين جي، انهن روين ۾ ڇا هاڻ تبديلي اچي وئي آهي يا تبديلي ۾ اڃا وقت لڳندو؟ پاڻ جن روين جي ڳالهه ڪريون پيا اهي اسان جي معمول جي نجي زندگي جو حصو هجن ٿا، جنهن ڪري ئي شايد انهن تي ناهي ڳالهايو ويندو پر خيالي تصور جوڙي لفاظي ڪري پيش ضرور ڪيو ويندو آهي تڏهن ته شاعر به چيو آهي ته

ڪوڙ کي ٿا موڙ پارائن پيا،

سچ کي ڪيڏو لڪائي ٿا وڃن (اشفاق چانڊيو)

                         اسان وٽ به اهو عام عمل آهي جنهن ڪري حقيقتون هميشه پردن جي ڪفن سان ڄڻ دفن هجن ٿيون. اڄ جڏهن عورتن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته مون کي اهي عورتون به ڏاڍيون ياد اچن پيون جيڪي پنهنجن ويجهن رشتن جي پابندين کي منهن ڏين ٿيون، جتي پنهنجا حق گهرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اظهار لاءِ به لفظ سندن نڙي ۾ چڙهي اچي اظهار کان اڳ ئي دٻجي وڃن ٿا، اهي عورتون/ڇوڪريون به ياد اچن پيون جيڪي ادا/ڀائو لفظن جو سهارو وٺندي خوف يا عزت خاطر ڪنهن سان مخاطب ٿينديون آهن. انهن دفاعي لفظن جو استعمال شايد مجبوري به هجي ڇو ته اسان وٽ عام طور عورت يا مرد خاص طور اڻ پرڻيل ڇوڪرَي ۽ ڇوڪرِي کي ڳالهائيندي ڏسي انهن بابت پاڻمرادو جوڙو هجڻ جو خيال پيش ڪيو ويندو آهي، تڏهن ته ڪنهن چڱي ڪم خاطر به اهي ٻئي چاهيندي به هڪٻئي کي ٽائيم نه ڏئي سگهندا آهن ته متان ماڻهو خراب سمجهن، يا گهر وارن کي خبر پئي ته اهي ڇا سوچيندا. دفاعي لفظ ان ڪري به استعمال ٿيندو آهي ته متان سامهون رابطي کي ڪو ٻيو رنگ نه ڏئي ڇڏي، ان دفاعي لفظ تي مون کي اهي سوٽاڻا ۽ ماروٽاڻا پرڻيل جوڙا به ياد اچن ٿا جيڪي شادي کان اڳ هڪٻئي کي ادا/ادي، ڀيڻ/ڀاءُ جهڙن لفظن سان سڏيندا آهن، جنهن تي مون کي هڪ لطيفو به ياد اچي پيو ته ٻن سئوٽن جي پاڻ ۾ شادي ٿي، رات جو اوندهه ۾ گهوٽ ٿاٻڙجي پيو ته ڪنوار تڪڙ ۾ چئي ڇڏيس ادا خيال سان، ڌڪ ته نه لڳو……ڏيکاءَ جي عزت يا رشتي کان بهتر آهي ته سڌو ۽ کليل نموني ڳالهائي پنهنجي پنهنجي ڪردار جي آڌار تي ناتو جوڙجي. پر هڪ حقيقت اها به آهي ته رابطو پهرين ڇوڪِري يا ڇوڪرَي جي طرف کان هجي پهرين خيال اهو ئي ايندو آهي ته ماڻهو “مطلب” کانسواءِ ڪيئن ٿو ياد ڪري سگهي، ڪيئن ٿو وقت گهري سگهي؟ پوءِ چاهي اهو مطلب تن، من، ڌن يا ڪو ٻيو هجي.

هتي پاڻ ڳالهه پئي ڪئي رابطن/روين جي ته مون کي اڄ اهي عورتون به ياد اچن پيون جيڪي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو سرگرم آهن، پنهنجا ۽ پنهنجي سماج جا مسئلا پيش ڪنديون رهنديون آهن، انهن مسئلن جي ڪري ئي رابطا رهندا آهن، اُن ڏينهن هڪ عورت جو ميسيج آيو ته ادا هي ڏسو، هن قسم جا (پورن وڊيوز/تصويرون) جا ميسيج اچن ٿا، هن کي بلاڪ ڪيو آهي، اهو اسان وٽ عورتن سان وڏو آزار هجي ٿو، نه رڳو اهڙا پيغام پر ڪِريل ۽ ٺرڪي ٻولي وارا تصويرن تي ڪمينٽس به ڪندا رهن ٿا، جنهن ڪري ئي اڪثر عورتون يا ته سوشل ميڊيا کان پري آهن يا وري مردن يا فرضي  نالن سان آءِ ڊيز ٺاهي هلائن ٿيون، ڪيترن ئي عورتن اهڙن مردن کي سبق سيکارڻ لاءِ اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا آهن، ايف آءِ اي ۾ شڪايتون ڪيون آهن، پر هڪ حقيقت اها به آهي ته اسان جي مردن واري پاسي به ساڳئي حالت هجي ٿي، ڇا پاڻ کي به انهن جا اسڪرين شاٽ وٺي شيئر ڪرڻ گهرجن؟ ايف آءِ اي ۾ شڪايت ڪرڻ گهرجي؟ ان جو انهي عورت تي ڇا اثر پوندو اهو سوال ئي روڪي ٿو، سو اهڙن رابطن/روين کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي….بابا (نثار ٻرڙو) جي هڪ شيئر ڪيل پوسٽ موجب اسان وٽ ٻن قسمن جي عورتن طرفان پوسٽون اپلوڊ ڪيون وينديون آهن. هڪ اهي جيڪي سيليبرٽيز آهن ۽ ڪنهن ”ايجنڊا“ تحت ڏيکاءَ خاطر ميڪ اپ ٿڦي، پريس ڪلبن اڳيان احتجاج جو گليمرائيزڊ شو منعقد ڪنديون آهن ۽ ڊاڙون هڻنديون آهن. اهڙين لاءِ لائيڪس ۽ ڪمينٽس جي لائين لڳل هوندي آهي ۽ ان تي به انهن جا ناز ۽ نخرا هوندا آهن. ٻيون ان قسم جون عورتون آهن، جن تي پوري قوم سندن عملي جدوجهد سان ڀرپور ڪردار سبب فخر ڪري سگهي ٿي، اهي گليمر جي دنيا کان به پري هونديون آهن. انهن جا منهن به سڪل هوندا آهن. چپن تي سرخي به سجايل ناهي هوندي، فيس بوڪ تي پنهنجي جدوجهد جي خودنمائيءَ واريون پوسٽون اپلوڊ ڪري ڊاڙون به نه هڻنديون آهن، ڪنهن جي ايجنڊا تحت به ڪم ناهن ڪنديون پر هر وقت احتجاج ۾ مصروف، ڪڏهن ريليون ته ڪڏهن لانگ مارچون ڪري، لڦن سان پنهنجا پير پٿون ڪري ڇڏينديون آهن، انهن لاءِ قدر فقط انهن وٽ ئي هوندو، جيڪي ان ئي راھه جا پانڌيئڙا هوندا. انهن کي سيليبرٽيز جيان لائيڪس ۽ ڪمينٽس جي ضرورت به نه هوندي آهي. انهن نياڻين سان ته فقط تاريخ ئي انصاف ڪري سگهندي.

سوشل ميڊيا تي عورتن جي نالي واري ڪنهن آءِ ڊي تان فرينڊ رڪئيسٽ ايندي آهي ته آئون ان کي قبولڻ کان پهريان ميسيج ڪري پڇندو آهيان ته (ڇا اسان هڪٻئي کي سڃاڻون ٿا؟ اوهان فرينڊ رڪئيسٽ موڪلي آهي؟ اوهان جو تعارف ؟ ) ڇو ته اسان وٽ اڪثر فيڪ آئڊيز عورتن جي نالن سان ئي ٺهيل آهن، فقط سٺي موٽ ۽ ڇوڪرين سان رابطن لاءِ يا وري بليڪ ميلنگ لاءِ. پر ائين به ناهي ته مردن جي نالن سان فيڪ آئڊيز ناهن، اهي به جام آهن، ايئن ئي ان ڏينهن به هڪ رابطو ٿي ويو، پوليس آفيسر سان، نالو ۽ تصوير سڃاتل لڳي پر پوءِ به فيڪ واري ڳالهه ذهن ۾ رکي ساڳيو سوال اماڻيومانس، سوالن جوابن جي ڏي وٺ ۾ سڃاتل ئي نڪتي، ڳالهه سامهون ڪچهري تائين وڃي پهتي، گڏ پڙهي هئي، سامهون ڪچهري ۾ ٻين جو به ذڪر نڪتو، حال احوال ٿيا، ٻڌايائين هاڻ ته هيترن ٻارن جي ماءُ ٿي وئي آهيان ۽ تون اڃا …… ڪچهري دوران ٻڌايائين ته فِلاڻي جيڪا فلاڻي کي پسند ڪندي هئي ان جي به شادي ٿي وئي، پڇيومانس پوءِ ته ان جا ٺٺ هوندا؟، چيائين نه، پسند بس پسند ئي رهجي وئي…، مائٽن جي مرضي زور آهي، ڪير ٿو ڪڇي انهن آڏو…. اسان وٽ ته اهو عام آهي، مائٽن جي مرضي مڙهجي ويندي آهي، ڪڇجي ته ڪسجي، پر ها جيڪڏهن ڪنهن نوجوان پنهنجي پسند ٻڌائي ته پوءِ مائٽ اها ڇوڪري وٺڻ لاءِ نهن چوٽي جا زور لڳائيندا پر اهو ساڳيو نوجوان پنهنجي ڀيڻ جي پسند کي ڪڏهن به پسند ناهي ڪندو؟ …..ڇڏ ان کي تون پنهنجو ٻڌاءِ….مون ٻڌايومانس ته اسان پٺيان به ورهين کان ساڳئي باهه ٻري پئي پر اڃا ته انڪاري آهيون….چيائين ها با ڏسون ٿا تنهنجي انڪار کي به، ڪيستائين ٿو هلي ….

هن انڪار تي ڳالهه ياد اچي وئي ته بار بار ڪنهن سنگتي، ڪنهن مٽ مائٽ، ڪنهن يار دوست، پرين پيارن کان سدائين شادي جو اجايو سوال پڇيو ويندو آهي، ڪي ته وري ان حد تائين وڃي پهچندا آهن ته مائٽن جي مرضي يا پسند جي شادي ڪندين؟ ڪنهن سان دوستي اٿئي؟ ڪا پسند اٿئي؟ ايئن ئي  بار بار ڪا نه ڪا ڇوڪري شادي جي نالي ۾ اسان جي ذهن ۾ زوري ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر پنهنجو ذهن سدائين انڪاري، نيٺ جان ڇڏائڻ لاءِ مون به جواب ٺاهي ڇڏيو ته 2023ع ۾ شادي ڪندس، ٻين مان ته ڪجهه جند ڇٽي، پر هي وري به لڳا رهيا. هڪ پروگرام ۾ ويس اتي ڇوڪري ڏيکاريندي چين ته هي ڏس سٺي آهي، هن جي ماءُ چوي ٿي ته هن جي ڀينرن  مان هڪ جا 3 لک ورتا هئا، ٻي جا ڏيڍ لک ورتا هئا، هاڻ هي آخري جيڪا بچي آهي ان جا اڍائي لک وٺنديس، مون چيومان ته پنهنجي نياڻي جي شادي پيا ڪرائن يا ڍور ڍڳا پڙي ۾ کڻي اچي وڪڻن پيا؟ اوهان هنن کي سمجهايو نه ٿا؟ چَين اهڙن ماڻهن وٽان اهو ئي ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي ته غربت آهي؟ چوندا آهن ته انهن پئسن مان ئي ته شادي جو خرچ ڪبو، سون ۽ ٻيو سامان وغيره اهو به ته ڇوڪري کي ڏبو، جيترا پئسا ڏيو پيا اوترو ته سامان واپس ڇوڪري اوهان ڏانهن ئي کڻي ايندي، مون کي حيرت به ٿي ته ڏک به، ڇا شادي ايئن ڪبي آهي؟ ان سان سدائين نياڻي کي اڃا مهڻا سهڻا پوندا آهن ته ڪهڙو مفت آئي آهين، هيترا هيترا پئسا ڏنا آهن تنهنجا ….انهي سان گڏ وري اهو تاثر به موجود آهي جنهن ڇوڪري جا گهٽ پئسا ته ان جي گهٽ عزت، جنهن جا وڌيڪ پئسا ته مطلب اها وڌيڪ مان مرتبي واري….. گهروارن جو پوءِ به ساڳيو سوال ته آخر چاهين ڪهڙي ٿو؟، ته اها ڏسجي، باقي ته جيڪا ڏيکاريون يا ٻڌايون ٿا چوين ٿو نه، گهڻي زور بار کان پوءِ مون به ٻڌائي ڇڏيو ته ڪامريڊ هجي، جيڪا ڪا به پابندي قبول نه ڪري نه وري پابندي مڙهي يا مڙهڻ ڇڏي، آزاد هجي، جيڪو وڻي ڪري، خودمختيار هجي، سماج لاءِ وڙهي، پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻي….. جيڪا منهنجي خاندان سان نه پر مون سان شادي ڪري، جيڪا ملڪيت وغيره سان نه پر ماڻهو سان شادي ڪري، يعني خاندان، ملڪيت وغيره بدران شخصي ڪردار کي جيڪا اهميت ڏئي، اهڙي هجي جيڪا پئسن جي بدلي نه اچي يا ان جي بدلي ۾ ٻي ڇوڪري جي گهر نه ٿئي، ڇو ته اهو به ٻنهي سان جبر ظلم هوندو تاحيات، هڪ کي تڪليف ايندي، شڪايت ٿيندي ته بدلي ۾ ٻي سان به ساڳيو ورتاءُ ٿيندو اهڙا ڪيترائي مثال اسان سامهون آهن، …. اهو به ٻڌائيندو هلان ته اسان کي والدين جي اجازت آهي ته ڀلي پنهنجي مرضي، پسند ڪريو،اڳ ٻڌايو ڪوشش ڪبي، جيڪڏهن ٻڌايو نٿا پاڻ ئي شادي ڪري ٿا ڇڏيو ته به اعتراض نه هوندو، قبوليت هوندي. اهڙو ڪجهه ٿيندو به آهي ته راءِ وٺندا آهن، اها ئي حتمي راءِ هوندي آهي هجڻ به ائين گهرجي، والدين کي ٻار بار سمجهڻ بدران انهن جي راءِ/پسند ضرور ڏسڻ گهرجي، هي ذڪر ڪندي مون کي ان ڳالهه جي قطعي پرواهه ناهي ته نتيجا ڪهڙا نڪرندا، ڪيترين جا رابطا رهندا يا ختم ٿي ويندا، منهنجو مقصد صرف آگاهي آهي، خير پوءِ وري لڳي ويا ڪامريڊ ڳولهڻ ۾…. نيٺ سوشل ميڊيا تي جاسوسي ڪندي ڪندي سوشل ميڊيا تي ويجهڙائي رکندڙن مان پاڻمرادو شارٽ لسٽ ڪري چين ته هي ڏس….چوين ته ان جي والدين سان ڳالهايون…..مون چيو نه، نه، ان سان نه ڳالهائجو، پڇا ڪين ته ڇو؟ چيومان ته ان جي والد سان سٺو تعلق آهي، هُو اهو به سمجهي سگهي ٿو ته هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي، هن سان ته عزت وارو تعلق آهي، هي وري اسان جي نياڻين ۾ اکيون ٿو وجهي متان انڪار ڪري وجهي يا پوءِ ٻي ڳالهه اها به ٿي سگهي ٿي ته جيڪڏهن هُو ها ڪري ٿو وجهي پر ڇوڪِري کي مان نٿو وڻان ۽ هوءَ به سماج جي عام ڇوڪرين وانگر پيءُ جي “ها” جو مانءُ رکندي قبول ٿي ڪري ته اهو به ته ان سان ظلم هوندو نه…!!! ۽ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ان جي زندگي ۾ اڳ ئي ڪو ٻيو موجود هجي، اهڙي ردعمل بعد پوءِ ڊگهو بحث مباحثو شروع ٿي ويو، هڻ هڻان وٺ وٺان لفظن جي ويڙهه، ڪٿي ڪاوڙ ڪٿي قرب، ڪٿي وري سمجهاڻي… نيٺ ذهن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي ته ڀلا پوءِ پاڻ سان ملي ڪري پاڻ ئي پرپوز ڪريس…. پر وري سوال اٿاريم، ته عمر ۾ فرق آهي…جواب مليو ته عمر جو ڪو فرق نٿو پوي، اهو ڪو مسئلو ناهي، فائزه علي کي ڏس، پاڻ کان وڏي عمر جي شخص سان شادي ڪئي اٿئين، سوشل ميڊيا تي ته ان جي ساراهه ٿي، ريحام خان کي ڏس ان ته پاڻ کان ڪيترائي سال ننڍي عمر واري شخص سان شادي ڪئي آهي، سوشل ميڊيا تي ان جي به ساراهه ٿي، مون چيو ها، پر اسان جي سماج ۾ ته اها چوڻي به ته عام آهي نه، ٻوٿ کي ڪير ٿو ڏسي، پئسو هجي بس… ڳوٺن ۾ ڏسو پيءُ جي عمر واري شخص سان ڇوڪريون پرڻايون وينديون آهن، پوءِ ڇا اهي خوش هونديون آهن؟ هلو ٻين کي ڇڏيو، فلاڻِي کي ته پاڻ سڃاڻون پيا ان جي ڇا حالت ٿي وئي آهي؟ اهڙي بحث دوران  مان طئي ڪرڻ لڳي ويس ته هن کان ٽائيم وٺان ٿو پر چوندومانس ڇا؟ منهنجي سوچ ته اها آهي ته منهنجي شادي به سماج لاءِ هڪ پيغام هجي هڪ تبديلي هجي، جيئن ماضي ۾ سياسي ورڪرن جون شاديون ٿينديون هيون ته انهن جون تقريبون به سياسي جلسا لڳندا هئا، تنهن ڪري اهڙو ڪجهه ڪجي جو سماج ۾ بهتري اچي سگهي…..مون طئي ڪري ورتو ته جيڪڏهن ملاقات ٿئي ٿي ته پهرين ته ان کي مٿيون سمورو قصور ٻڌائبو، پوءِ ان کي چوندس ته جيڪڏهن اوهان جي اجازت هجي ته آئون پرپوز ڪريان، پرپوز لاءِ اجازت ؟ آهي نه حيرت واري ڳالهه آهي، ها ته اها فيمنسٽ چينج آهي، اوهان ڪنهن جي به زندگي ۾ ان جي اجازت کانسواءِ ڪيئن اچي سگهو ٿا، جيئن عورت مارچ جو هڪ نعرو مقبول آهي ته منهنجو جسم منهنجي مرضي، پر ان کي ٿورو وڌائي ايئن ڪجي ته منهنجي زندگي منهنجي مرضي، رڳو جسم ڇو پوري زندگي ڇو نه؟ جيڪڏهن پرپوز جي اجازت ملي وئي ته پوءِ وڃي معاملو بيهندو شادي تي، ته پوءِ ڀلا شادي ڪيئن ٿئي؟، ته اها شادي ٻن خاندانن وچ ۾ نه هجي پر ٻن فردن وچ ۾ هجي، ڇا جا دهل ٽاٻڙڪا، ڇا جا پروگرام، ڇا جا ڪاڄ، ڇا جي وٺ وٺان سڏ سڏان، ڪڏ ڪڏان، ڇا لاءِ ايترو خرچ ؟ ڇا ان خرچ جو ڪنهن غريب کي فائدو ٿيندو؟ قطعي نه، سرمائيدار کي ضرور فائدو ٿيندو، پوءِ ڇو نه سادو طريقو ئي اختيار ڪجي، جيڪا آئيني قانوني گهرج مڙهي وئي آهي يعني نڪاح نامو، رڳو ان تي صحيح ئي ته ڪرڻي آهي جيڪا نڪاح رجسٽرار وٽ ڪجي، اسان وٽ ان طرح جي شادي عام ڪرڻ گهرجي؟ ان کانپوءِ رهڻو ڪٿي ۽ ڪيئن آهي؟ ڇو ته منهنجي فيملي ته قمبر ۾ آهي پر آئون پاڻ ڪراچي ۾ رهندو آهيان، هاڻ پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟ اسان وٽ عام طور ته ايئن ٿيندو آهي ته ڇوڪري جي شادي ٿيندي آهي ته والدين جو گهر ڇڏي مڙس جي گهر رهندي آهي ان ۾ به وري مڙس جتي هوندو آهي اتي نه پر مڙس جا گهرڀاتي جتي هجن اتي يا وري ايئن ٿيندو آهي ته جتي مڙس هجي يعني زال مڙس جو ڌار گهر، پر جيڪڏهن ان صورتحال ۾ ڇوڪري پنهنجي خاندان جي معاشي سپورٽر هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ لازمي طور ڇوڪري جي وڃڻ سان ان جو گهر معاشي طور متاثر ٿيندو…پوءِ ان ڇوڪري کي اها اجازت ڇو نه هجي ته ڀلي پهريان وانگر پنهنجي فيملي جي سپورٽ جاري رکي، ايئن به ته ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي زال مڙس جي آمدني پهريان وانگر ئي مرضي سان استعمال واري ورڇ برقرار هجي، ڇوڪري هن گهر ۾ ڏئي يا هُن گهر ۾ سندس مرضي، ڇوڪرو هن گهر ۾ يا هُن گهر ۾ ڪيترو حصو ڏئي سندس مرضي، گهر جو ذمو رڳو نوجوان مٿان ڇو هجي ناري مٿان ڇو نه هجي؟ ناري ته تڏهن ذمو کڻندي نه جڏهن اها به جاب ڪندڙ هجي، پوءِ ان کي جاب جي اجازت ڇو نه هجي؟ ان کي ڇو گهرو ڪم تائين محدود ڪجي، يا نوجوان کي رڳو ٻاهر جي ڪم تائين محدود ڪجي، جڏهن ٿيا لائيف پارٽنر ته پوءِ ڪمن ۾ پارٽنر ڇو نه؟ جڏهن اهو سلسلو عام ٿيو ته مختلف شعبن ۾ به مرد ۽ عورتون برابر ڪوٽا اچي ويندي، ٻي ڳالهه ته اسان وٽ ان پئسن جي بنياد تي اڪثر زال مڙس ۾ جهيڙا ٿيندا آهن ۽ ڳالهه وڃي طلاق تي پهچندي آهي، مڙس اڪثر ٻي شادي ڪندا آهن جنهن سان وري جيڪڏهن اولاد آهي ته اهو به والد کان نفرت ڪندو آهي، پر عورت طلاق يافته جي طعني سان جيئندي رهندي آهي ٻي شادي ناهي ٿيندي، ان کي به سماج طرفان مڙس سان اختلافن تي ٻي شادي جي اجازت هجڻ گهرجي.

اسان وٽ اِن ڳالهه تي عام طور تي ڌيان ناهي ڏنو ويندو ته اسان جا معمول جا رويا به هڪٻئي تي نفسياتي اثر ڇڏيندا آهن، پر اسان جي پدرشاهي سماج ۾ رڳو عورت جي روين ۽ لاڙن کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو آهي، يا وري فيمينزم جي چڪر ۾ مردن سان عورتن جي ناڪاري لاڙن کي آزادي سان ڳنڍي همٿايو ويندو آهي، جڏهن ته اُن جي پيڙا يا ڀوڳنا فائل ۽ مفعول ئي محسوس ڪري سگهندا آهن. گهر جو خرچ پکو هجي يا ڪمائڻ، گهريلو وهنوار هجي يا دنيا داري، ڪٿي مڙس زال تي دهمان ڪندو آهي ته ڪٿي وري زال مڙس کي زير ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائيندي آهي. نتيجي ۾ اُن گهر جا ڀاتي ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندا آهن. ائين جيڪڏهن نوڪري پيشه يا ڪاروباري جهان ۾ مرد ۽ عورت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هڪٻئي جو استحصال ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ عورتن کي تعليم ڏيارڻ جو رجحان گهٽ آهي، تنهنڪري اهڙين جاين تي مرد گهڻو ڪري عورتن جو استحصال ڪندا آهن. اُن سان متاثر ڇوڪري جي ذهني اوسر ته ناهي ٿي سگهندي، ٻئي پاسي نوڪري ڪندڙ ڇوڪرين لاءِ معاشري ۾ هٿ ٺوڪيا ناڪاري تاثر گهڙيا ويندا آهن.

زال مڙس، ڀاءُ ڀيڻ، پيءُ ڌيءُ ۽ اهڙا ٻيا به خانداني رشتا هجن ٿا، جتي هڪٻئي کي ايتري وِٿي ڏيڻ گهرجي جو پيچيده معاملن تي به ويچارن جي ونڊ ٿي سگهي، عورت ۽ مرد هڪٻئي سان کُليل نموني ڳالهائي سگهن ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪري ڪرڻو پوندو. بظاهر ائين آهستي آهستي ٿي رهيو آهي، پر اسان جو معاشرو اڃا اُن دڳ تي نه پهتو اهي، جتي عورت ۽ مرد هڪٻئي کي اها وِٿي ڏئي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ مون کي اهي به عورتون ياد اچن پيون جيڪي بٺن تي ڪم ڪن ٿيون، قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائي باندي بڻايون وڃن ٿيون، اهي عورتون به وسارڻ جهڙيون ناهن جيڪي پيٽ پالڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪم دوران هراساني جو شڪار ٿين ٿيون، نه ئي انهن عورتن کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو جن کي روڊن تي ٻين آڏو هٿ ٽنگڻو پوي ٿو. اهي ٻارڙيون به ڪيڏي نه توجهه گهرن ٿيون جن جي هٿن ۾ ڪتابن بدران گل ۽ گاڏيون صاف ڪرڻ وارو سامان هجي ٿو، اهي نياڻيون به عظيم آهن جيڪي ٻين نياڻين لاءِ آواز اٿارين ٿيون ۽ عملي طور جدوجهد جي ميدان تي هجن ٿيون، اڄ مون کي اهي ڇوڪريون به ياد اچن ٿيون جيڪي ٻين جو آواز بڻجڻ لاءِ يا پيٽ گذاري لاءِ ميڊيا جو رخ ڪن ٿيون پر پنهنجو ئي آواز پاڻ دٻائي ڇڏينديون آهن. ڪيئن انهن کي هراسان ڪيو ويندو آهي، ڪيئن انهن کي اسڪرين تي آڻڻ يا هٽائڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا ويندا آهن، اتي وري انهن عورتن لاءِ عورتون ئي دشمن به هجن ٿيون، جيڪي وري استعمال ٿي وڃن ٿيون، انهن جون ٻه مجبوريون سامهون اينديون آهن هڪ غربت، ٻيو گليمر/عاليشان زندگي گذارڻ جو خرچ ڪڍڻ، اهڙيون ڪجهه ڇوڪريون ضرور آهن جن سوشل ميڊيا تي ان بابت آواز اٿاريو پر پوءِ سدائين لاءِ ٻاهر…..سماج ۾ موجود اهڙا رويا هاڻ تبديل ٿيڻ گهرجن.