راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز کي 35 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ پشاور زلمي جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 19.3 اوورن ۾ 207 رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي. سيم ايوب 68، بابراعظم 50 ۽ ٽام ڪوهلر ڪيڊمور 36 رنز ٺاهي نمايان رهيا. لاهور قلندرز طرفان شاهين آفريدي 4 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري، حارث رئوف، زمان خان ۽ راشد خان 2-2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 19.4 اوورن ۾ 172 رنز تي ڍير ٿي وئي. حسين طلعت 63 رنز ٺاهي نمايان رهيو. شاهين آفريدي 52 رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو. لاهور قلندرز جو ڪپتان شاهين آفريدي آل رائونڊ پرفارمنس ڏيڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. سيم ايوب کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.