لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور ۾ ڪرڪيٽر محمد حفيظ جي گهر ۾ چوري جي واردات ٿي آهي جنهن ۾ چور لکين رپين جي پرڏيهي ڪرنسي چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس موجب آچر ۽ سومر جي وچ واري رات واردات ٿي آهي، محمد حفيظ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي سلسلي ۾ مصروف آهي. ايف آءِ آر موجب محمد حفيظ جي گهر واري به ڪنهن ڪم لاءِ اسلام آباد ويل هئي. ڪيس محمد حفيظ جي گهر واريءَ جي چاچي پاران ڊفينس ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 20 هزار آمريڪي ڊالر، 4 هزار برطانوي پائونڊ، 3 هزار يورو ۽ 5 هزار اماراتي درهم چوري ٿي ويا آهن.