فضول خرچ ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گُهرجي!‎‎

 

حڪمرانن جي نااھلي سبب روزانون ڊالر ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آھي. قيمتن ۾ طوفاني واڌ سبب عوام کي گهرجي ته روز جي ذاتي فضول خرچ تي ضابطو آڻي ڇاڪاڻ ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب کاڌي پيتي واريون شيون به خريد ڪرڻ کان مٿڀريون ٿي ويون آھن. روزانون پنج سئو ڏھاڙي ڪمائڻ وارو مزدور آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اگھ سان اڪيلو ڪيئن ٿو مقابلو ڪري سگهي؟ انساني صحت ۽ جسم جي لاءِ ھاڃيڪار بيمارين جو پاڻ علاج ڪري مثال طور ڪم کان سواءِ سير و تفريح خاطر موٽر سائيڪلز تي رولاڪيون، آواراگين، جگر ۽ گڙدن جهڙين بيمارين ڏيندڙ منشيات جهڙوڪ سگريٽ پيئڻ، سفينا کائڻ، گُٽڪو کائڻ، مين پڙيون واپرائڻ ۽ ٻين نشي آور شين تي ضابطو عوام جي وس ۽ اختيار ۾ آھي، قناعت ۽ ڪفايت ذريعي مھانگائي جي عروج واري دور ۾ ڪُٽنب کي ڏکيائيءَ سان ئي پر پالي سگهجي ٿو ۽ منشيات جي استعمال ۽ واندين رولاڪين کان پاسو ڪرڻ سبب انسان پنهنجي صحت، جسم ۽ پئسي جو قدر ڪري ڪجھ قدر مھانگائي کي منهن ڏئي سگهي ٿو.

 

سجاد الرحمان سمون/ٿرپارڪر

 

نون ڀرتي ٿيل استادن مان ڪهڙيون اميدون؟

 

نون ڀرتي ٿيل استادن مان سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻ جون اميدو لڳائي سگهجن ٿيون؟ ڳالھ ڪجھ هينئن آھي ته گذريل ڪافي ڏهاڪن کان وٺي سنڌ جي هر ضلعي جي مختلف اسڪول ۾ استادن جي تمام گهڻي ضرورت هئي، مطلب حاضر شاگردن موجب استادن جو ايترو تعداد موجود نه هو انهي کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان نون استادن کي ڀرتي جو عمل شروع ڪيو، جيڪو مختلف مرحلن مان ٿيندو پيو اچي، هاڻ سوال اهو آھي ته ڇا اهي استاد سنڌ جي پوئتي پيل تعليم کي بهتر بڻائي سگهندا؟ ان جو جواب هن ريت ڏيندس ته جي انهن قابل استادن کي پڙھائڻ ڏنو وڃي ته انهن اسڪولن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪيون وڃن پر اسان وٽ وري عمل ڪجھ هن ريت ٿيو آھي، ڪافي بند پيل اسڪولن استاد مس ويا هئا ته مٿان وري مردم شماري شروع ٿي وئي، ڪافي وقت انهي عمل ۾ به لڳندو، ان کان پوءِ وري چوندون ٿينديون اتي به استادن جي ضرورت پوندي مطلب انهن کان ٻار پڙھائڻ کان وڌيڪ ٻيا ڪم ورتا ويندا، پوءِ وري چيو ويندو آھي ته اسان جي بنيادي تعليم ڪمزور آھي، اسان جو ٻار پڙهي ڪونه ٿو، اهڙي طريقي سان هڪ چوڻي عام آھي ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي ناهي، انهي چوڻي جو جواب آئون هن ريت ڏيندس ته پڙهڻ واري لاءِ سرڪاري به وڏي مان ۽ مرتبي وارو آھي، پنج آڱريون برابر نه آھن، ڪٿي ته سرڪاري اسڪولن ۾ استاد صرف نالي جا هوندا آھن، مان وري به چوا ٿو ڪٿي ڪٿي سڀ استاد  هڪ جهڙا ناھن ڇو جو مون پنهنجي بنيادي تعليم کان اعليٰ تعليم يونيورسٽي تائين سرڪاري اداري جي سڃاڻپ ڪئي آھي. ڪلاس پهرين کان مادر علمي تائين تمام قابل محنتي محبتي استاد محترم مليا. سڀ کان پهرين جيڪڏهن سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪرڻو آهي ته منهنجي راءِ آھي ته پهرين بنيادي تعليم کي بهتر ڪجي، پرائمري تعليم کي بهتر بهتر ڪجي مثالطور نواڻ کي نظر ۾ رکندي انهن مختلف قسمن جون مشقون ڪرائجن قابل ۽ محنتي استاد ڀرتي ڪيا وڃن، انهن کي جديد دور جي تعليم جي موجب تربيت ٽريننگ ڏني وڃي ته جيئن هو بهتر کان بهتر طريقي سان بنيادي تعليم کي سگهارو بڻائين جنهن شيءِ جو بنياد مضبوط هوندو آھي ها شيءِ هڪ ڏينهن منزل جي صورت ۾ کڙي ٿي بيهندي آھي تنهنجي لاءِ پهرين سنڌ جي بنيادي تعليم تي غور ڏنو وڃي ۽ استاد محترم کي پڙهائڻ ڏنو وڃي انهن کان ٻيا ڪم نه ورتا وڃن مثالطور آدم شماري چوندون ۽ ٻيو ڪجھ جنهن ڪم ۾ استاد مصروف ٿين ٿا انهن کان فقط شاگردن جي پڙهائي ورتي وڃي پوءِ ڏسو ٿا سنڌ ڪيئن نٿي تعليم ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي اسان وٽ بنيادي سهولتون ئي نه آھن تعليم جون وري چئون ٿا سنڌ جي تعليم پوئتي پيل آھي.

 

فقير اياز عمراڻي/ڪراچي

 

عورتن کي برابريءَ جي بنياد تي جيئڻ جو حق ڪڏهن ملندو؟

 

اڄ 8 مارچ تي پوري دنيا سان گڏ پاڪستان ۾ به عورتن جو عالمي ملهايو ويندو، وڏن فائيو اسٽار هوٽن ۾ وڏا سيمينار ٿيندا، مختلف تنظيمن توڙي سول سوسائٽي طرفان پروگرام ۽ ريلڪيون ڪڍيون وينديون ۽ اهڙي هڪ ريلي هن سال عورتن تنظيم طرفان گھوٽي ۾ به ڪڍي ويندي ۽ ايئن هڪ ڏينهن عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ويندي. ڇا عورتن کي اهي حق ڏنا ويا آهن جيڪي آئين پاڪستان ۽ اسلام انهن کي ڏنا آهن؟ اڄ جي جديد دور ۾ به عورتن سان اڻ برابريءَ وارو رويو رکيو ٿو وڃي. عورت قدرت پاران خلقيل اها عظيم هستي آهي جنهن جي وجود ۾ انساني تخليق جي صلاحيت موجود آهي، عورت ماءُ جي روپ ۾ جنت جو سبب آهي، عورت ڀيڻ جي روپ ۾ دعا جو در آهي، عورت زال جي روپ ۾ زندگيءَ جو ساٿ آهي ۽ ڌيءُ جي روپ ۾ محبت جو مقام آهي، جيڪڏهن پاڪستان خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت کي ڏسجي ته اها اڄ به هن جديد دور ۾ به ظلم جي چڪيءَ ۾ پئي پيسجي، ڪڏهن ماني دير سان پچائڻ تي ڪهاڙين جو کاڄ پئي بڻجي ته ڪڏهن معصوم سان پرڻو ته ڪڏهن پوڙ سان پرڻائڻ جا واقعا هر روز اخبارن جي زينت بڻيل آهن، ڪٿي ڪارنهن جا فيصلا عورت کي ذري گھٽ جهنم برابر آهن، ٻهراڙيءَ ۾ ڪافي جھيڙن ۾ عورتن مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي انهن کي قتل ڪري مخالفن کان وڏي چٽي ڀرائي ويندي آهي، ته ٻئي طرف تعليم پرائڻ تي عورتن تي ٺٺوليون ڪيون وڃن ٿيون، همت ڪري جيڪي ماڻهو عورتن کي مڪتب گانهن ڏي موڪلين ٿا ته اُهي ويٺل وحشي بگھڙن سبب مڪتب گاهن کي مقتل گاهه بڻايو ٿو وڃي، هاسٽلن ۾ انهن عورتن کي غيرت، عزت، جرئت ۽ بهادريءَ جي ڪري انهن کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد ماري انهن جا لاش ٽنگھي آپگھات جا رنگ ڏنا ٿا وڃن، جن ۾ نائلا رند، نوشين ۽ نمرتا چنداڻيءَ سميت ڪيترين ئي نياڻين جا لاش ڌڻين کي پهچايا ويا، انهن قتلن جي راز تان پروين رند جھڙي بهادر نياڻي پردو کنيو هو، اهڙا وحشين جي حوس خاطر جيڪي ظلم ڪن ٿا، ڇا اُهي قانون کان مٿانهان آهن؟ انهن وحسين کي جيڪڏهن ڪاميٽين ۾ صفائيءَ جو موقعو ڏنو ويندو ته انهن واقعن ۾ گھٽائي نه پر واڌارو ايندو ۽ ايئن نياڻيون تعليم کان محروم ٿي وينديون ۽ اڳتي هلي ڇا گرلز اسڪولن ۾ مرد پڙهائيندا يا في ميل جو علاج به مرد ڊاڪٽر ڪندا؟ نه رڳو تعليمي ادارن ۾ وحشي جانور موجود آهن پر مختلف ادارن ۾ مختلف کاتن ۾ عورتن جي حراسمينٽ جو ساڳيو ئي حال آهي ۽ هر روز عورتن جي حراسمينٽ جا واقعا معمول بڻيل آهن. هن ملڪ ۾عورتن جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل سيف هائوسز يا دارلامانن ۾ جيڪو عورتن سان وهي پاري ٿو سو انهن کي خبر آهي، ان باوجود به اسان جي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي. ٻئي طرف بسپ پروگرام ۾ عورتن کي وظيفو ڏنو ٿو وڃي ته گھٽ ۾ گھٽ انهن کي باعزت طريقي سان ڏنو وڃي. موجوده وقت ۾ عورتن به پنهنيج حق لاءِ پاڻ پتوڙڻ توڙي جدوجهد کي ساراهيون ٿا ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن عورتون پنهنجن حقن لاءِ صرف 8 مارج تي نه پر هر ڏينهن تي ايئن ئي جاکوڙ ڪنديون. هن ملڪ ۾ عورتن جي حقن جون تنظون توڙي قانون ته موجود آهن پر انهن تي عمل ڪڏهن ٿيندو ۽ عورتن کي سندن بنيادي حق ڏنا ويندا؟!

 

منظور احمد اوڳاهي/غوثپور

مظلوم عبدالحفيط لغاريءَ سان انصاف ڪيو!‎‎

 

مورو پوليس جي ڪرتوتن کان سڀڪو واقف آهي، ايس ايس پي نوشهروفيروز مورو ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ بجاءِ جهڙوڪ ڌاڙيل ۽ ڦورو ڊيوٽي تي لڳائي ڇڏيا آهن، جيڪي مورو واسي توڙي موري ڏي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي ڌاڙيلن جيان ڦري لٽي رهيا آهن، اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن تي مورو پوليس اهڙو عمل نه ورجايو هجي. گذريل ڏينهن واهي پانڌي واسي نوجوان عبدالحفيظ لغاري کي مورو پوليس پل تي روڪيو، ۽ ناحق ڪيترائي ڪلاڪ کيس باندي بڻائي رکيو ويو، ان کان روڪ رقم ڦر ڪئي وئي ۽ مٿس تشدد به ڪيو ويو. عبدالحفيظ لغاري موجب مورو کان واپسي تي مورو دادو پل وٽ کيس پوليس اهلڪارن روڪيو، نوجوان کي بنا جواز موبائيل فون ڦر ڪئي وئي، نوجوان جي ردعمل تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، نوجوان کان هڪ لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان پڻ ڦر ڪري ڪيترائي ڪلاڪ لاڪپ ۾ بند ڪري رکيو ويو. جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ايس ايس پي نوشهروفيروز کي گهرجي ته واهي پانڌي واسي نوجوان عبدالحفيظ لغاريءَ سان ٿيل اهڙي ناانصافي جو سخت نوٽيس وٺي معاملي جي انڪوائري ڪرائي واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري ته جيئن وري ڪنهن سان به اهڙي ناانصافي نه ٿي سگهي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو