اشو آف دي ڊي … سکر کانپوءِ گمبٽ پوليس جي تشدد جي وڊيو وائرل: سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
15

 الطاف لاڙڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گمبٽ ۾ پوليس گردي، پوليس اهلڪار جو نوجوان تي تشدد ۽ تذليل ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي، جنهن تي واحد اي ڊي مهر لکيو ته ڌارين کان مار کائين ٿا ۽ سنڌين تي طاقت جو مظاهرو ڪن ٿا، عمران بلوچ، غلام عباس سومرو به مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. نعمت کهڙو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته گمبٽ ۾ درويش صفت نوجوان کي مارڪُٽ، پوليس جو ھِي ڪردار ئي اُن کي ڌاڙيلن ۽ دھشتگردن کان به، وڌيڪ خطرناڪ ظاھر ڪري ٿو، ھِي وڊيو گمبٽ جي آھي، معلوم ٿيو آهي ته ھِن درويش صفت نوجوان پوليس وارن کي ڪُجھه گھٽ وڌ ڳالھايو، جنھن تي ھِن اهلڪار کي ڪاوڙ لڳي ۽ پوءِ ھِن نوجوان کي پَڪڙي سرِعام تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو،  ھِن وڊيو مان صاف ظاھر آھي ته ڌاڙيل ۽ ڏوھاري جيڪو ڪُجھه لِڪي ڪندا آھن يا رات جي اُونداھيءَ ۾ ڪندا آھن، پوليس وارا اُھو سرِعام ڪندا آھن. جنهن تي پريم سوني، طيب اداسي، فدا ڀٽي، منصور کوکر به پوليس جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، مهتاب حسين جوڻيجو لکيو ته سنڌ پوليس عوام محافظ نه رهي آهي، حفيظ شر لکيو ته سکر کان پوءِ گمبٽ ۾ 15 مددگار واھه جي مدد ڪري پئي پوليس ڏپارٽمينٽ کي ختم ڪيو وڃي عوام جا اھنج گھٽائڻ بدران ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، سالم ابڙو، خير محمد مگسي به اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، عامر خان لکيو ته ايس ايس پي نوٽيس وٺي، ان اهلڪار کي سسپيند ڪري ڇڏيو آهي، جاويد احمد کوسو لکيو ته ڇو غريب مسڪينن لاءِ ھي ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي،وڃجي ته آخر ڪيڏانهن وڃجي، باقي قانون ٺھيو ڪنھن جي لاءِ آهي، قانون ته انصاف لاءِ آھي پر ھتي جنھن کي وڻي غريب مسڪين بيوسن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏي ٿو، امتياز جمن راڄڙ، تنوير سومرو لکيو ته پوليس جي انھي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، علي محمد خان لکيو ته گمبٽ ون فائيو پوليس اھلڪار اسد لاڙڪ وچ روڊ تي پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي ھڪ درويش صفت نوجوان وسيم جوڻيجو مٿان ٿڦڙن ۽ مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو، افسوس، گمبٽ پوليس چورن بجاءِ شھرين مٿان تشدد ڪرڻ ۾ مصروف آهي.بيدار ٻرڙو، ايم ابراهيم ڳاهو، ارشاد علي ڦل، عاشق ڳاهو، مجاد مهر، ڪرم مهر، ڪامران علي بلوچ، تنوير ٽي ڪي، رحمان جان عالماڻي، افروز ڪٽپر، شوڪت ميمڻ، بخشل پهوڙ، سڪندر علي جکرو، غلام مصطفيٰ، مخدوم آسيه قريشي به پوليس جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. عامر علي نوناري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سکر کان پوءِ گمبٽ پوليس جي اهلڪار به پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي درويش صفت انسان وسيم جوڻيجو کي سري عام تشدد جو نشانو بڻايو.گمبٽ ۾ ون فائيو پوليس درويش صفت نوجوان وسيم جوڻيجو کي کنڀي آفيس اندر مٿس تشدد ۽ تذليل ڪرڻ بعد کيس ڇڏي ڏنو ۽ پوليس اھلڪار ٻيھر ساڳئي مستاني صفت نوجوان کي ڀٽائي چوڪ تي پريس ڪلب گمبٽ جي سامھون روڊ تي صحافين، شھرين ۽ واپارين جي روبرو ڪٽڪو ڏنو ۽ کيس گارگند ڪئي. افسوس جو اتي موجود شخصيتون صرف تماشو ڏسندا رهيا. مستاني صفت نوجوان جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ ھڪ وڪيل وٽ منشي جو ڪم ڪندو آهي ان کان خرچي وٺڻ پئي ويس ته پوليس زوري کنڀي وئي ۽ تشدد ڪيو. جنهن تي عبدالرقيب نوناري لکيو ته اها اسان وٽ روايت بڻجي وئي آهي ان کي ختم ٿيڻ گهرجي، ڊاڪٽر پرويز احمد ٽڳڙ لکيو ته ان اهلڪار کي ڌرڻي تي موڪليو خبر پئجي ويندس، محمد مراد نوناري لکيو ته الله اڪبر افسوس ٿيو آهي ظالمن کي چوڻ وارو ڪو نه آهي پڇاڻو ڪيو وڃي انصاف فراهم ڪيو حڪومت وقت کان مطالبو ڪريون ٿا ته ظالمن کان پڇاڻو ڪريو، مختيار چنا لکيو ته اگر تربيت جي لحاظ کان ڏسجي ته ان اداري جا اڪثر اهلڪار ڪنهن به غريب مسڪين جي مٿان گار گند ۽ بلاوجه تشدد ڪندي نظر ايندا، جڏهن ته پاڻ کان ڏاڍن کي سلام ۽ جي حضوري ڪندا، عبدالخالق سومرو، انجنيئر سيد نور جيلاني، جيوڻ بلوچ به ردعمل ڏنو.گهنشام ميگهواڙ ۽ منور شاهه به وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته گمبٽ ون فائيو پوليس اھلڪار اسد لاڙڪ وچ روڊ تي پنهنجي عدالت لڳائي ڇڏي ھڪ درويش صفت نوجوان وسيم جوڻيجو مٿان ٿفڙن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو، افسوس گمبٽ پوليس چورن خلاف ڪارروائي بجاءِ گمبٽ جي شھرين مٿان ظلم ڪري رهي آهي.جنهن تي احمد کهاوڙ لکيو ته غريبن جي لاءِ مڙس ماڻهو آھن باقي امير يا وڏيرو ڄڻ هنن جو مالڪ هجي. شاهد شر لکيو ته هن اهلڪار کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ايڊووڪيٽ سميع الله لاڙڪ لکيو ته اهو پاڻ منشيات هلائيندو آهي جنهن تي پوليس کيس کڻي ويندي آهي اها ڳالهه اهو پاڻ ڪري رهيو آهي.