اشو آف دي ڊي … سنڌ يونيورسٽي انتظاميا غريب شاگردن لاءِ تعليم جا رستا بند ڪري رهي آهي

0
25

 سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران فيس ۾ واڌ تي سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏنو ويو ان حوالي سان علي رضا جلباڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا غريب شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا سمورا رستا بند ڪري رهي آهي. سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل قانون جي ڪاليجن جي هر  شاگرد کان هر سال 5000 رپيا رجسٽريشن جي نالي ۾، امتحاني فيس جي نالي ۾ 5200 ۽ سپلي  جي نالي ۾  7500 رپيا  اوڳاڙيا پيا وڃن. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا اڄ هڪ ئي ڏينهن ۾ فيون وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ وري ڪجھه ئي ڪلاڪن اندر ان ئي ڏينهن ۾ اڳ نڪتل نوٽيس رد ڪري نئون نوٽيس جاري ڪري فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. هر سال نئين رجسٽريشن جي نالي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ھر شاگرد کان اوڳاڙيا پيا وڃن. انرولمينٽ جي نالي ۾ هزارين رپيا هر شاگرد کان الڳ ورتا وڃن ٿا. جڏهن ته رجسٽريشن ۽ انرولمينٽ ۾ ڪو فرق به نه آهي. پر تڏهن به يونيورسٽي طرفان پهرئين سال جي انرولمينٽ سان گڏ رجسٽريشن جي نالي ۾ پئسا ورتا پيا وڃن. شاگردن کي پنهنجي ڪاليج جي هزارين رپيا سيمسٽر  فيس الڳ سان جمع ڪرائڻي پوي ٿي. ان هوندي غريب شاگرد ايڏو اضافي بار ڪيئن برداشت ڪري سگهندا؟ اهڙي ناجائز اوڳاڙي کي رد ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته هر سال شاگردن کان مختلف بهانن سان فيس اوڳاڙڻ بند ڪئي وڃي ۽ هر سال جي رجسٽريشن ۽ هر سيمسٽر جي انرولمينٽ بجاءِ شاگردن کي هڪ ڀيرو ئي رجسٽرڊ ڪيو وڃي. جنهن تي احسان آزاد لکيو ته ڪجھه ڪريو اسان توھان سان گڏ آھيون، اسلم سمون لکيو ته ھي سڀ ڪجھه غريب مسڪين سنڌي عوام جي تعليمي ادارن ۾ پھچڻ کان روڪڻ جا حربا آھن جيڪي ھٿ وٺي استعمال ڪيا پيا وڃن، جيئن عام غريب سنڌي تعليم حاصل نه ڪري سگھي، امام نواب ڏاهاڻي لکيو ته مذمت جوڳو عمل آهي، هي دشمن جي ٻچن کي پڙهائڻ وارا پنهنجن کان تعليم پيا کسين افسوس، حماد هاليپوٽو لکيو ته ھي سڌي سنئين غريب شاگردن کي تعليم کان محروم رکڻ جي سازش آھي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي يونيورسٽي انتظاميا فيس ۾ واڌاري وارو فيصلو واپس وٺي، رياض لاکير به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، بابر سراج علي لکيو ته رڳو لا نه پر سڀ فيس گهٽ ڪن، اهو اسان جو مطالبو آهي، طارق علي ڀرڳڙي لکيو ته سڀ دوست گڏجي آواز اٿاريو تڏهن ڪجھه ٿيندو نه ته اهڙا ادارا اسان کي تعليم کان محروم ڪري ڇڏيندا، فضل چانڊيو لکيو ته غريب جي ٻارن لاءِ تعليمي ادارن جا رستا مڪمل بند ڪيا پيا وڃن. شرم اچڻ گھرجي سنڌ يونيورسٽي جي نااھل انتظاميه کي، ھڪ ته لا جي ڪاليجن جا امتحان ٽائيم تي نٿا ورتا وڃن تنھنڪري پنجن سالن جي ڊگري وٺڻ ۾ ڇھه کان ست سال لڳيو وڃن. ٻيو وري سالو سال فيسون پيا وڌائين. گلزار مغيري لکيو ته سڀ دوست گڏجي آواز اٿاريو تڏهن ڪجھه ٿيندو نه ته اهڙا ادارا اسان کي تعليم کان محروم ڪري ڇڏيندا، مختيار علي گائنچو لکيو ته بلڪل ھر سال مختلف ڊپارٽمينٽ جون فيسون وڌايون وڃن ٿيو ۽ ڏٺو وڃي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊپارٽمينٽن ۾ ڪنھن به قسم جي سهولت ڪونھي ڪا ، شاگردن سان صاف پاڻيءَ جو مسئلو ، ٽرانسپورٽ ۽ پراپر طريقي سان ڪلاسن جو ھلڻ وغيره. ڪا سهولت ناهي.