ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نينگر پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ ظاهر

0
440
ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نينگر پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ ظاهر
ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نينگر پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ ظاهر

ڇاڇرو (رپورٽر) ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نينگر پراسرار نموني فوت، ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نينگر پراسرار نموني فوت ٿي ويو، وارثن پاران قتل جو خدشو ظاهر ڪيوويو آهي

12ورهين جي رفيق پٽ  قبول نهڙي جو لاش ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ ڪيتار نيو ويو، والد قبول نهڙي موجب پٽ رفيق ٻن ڀائرن سان گڏ گلشن اقبال جي هڪ بنگلي تي ڪم ڪندو هو

بنگلي مالڪ ٻڌايو ته نينگر ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي  ٿيو هو، جنهن بعد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي

 پورهيت جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ فون تي رابطو ٿيو پر پٽ  صحيح هو، سندس جسم تشدد جي نشانن سان ڀريل آهي، خدشو آهي ته پٽ کي تشدد ڪري قتل  ڪيو ويو آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ بنگلن مان چورين جي  وارداتن ۾ ملوث 2 عورتون گرفتار