ڪراچي ۾ بنگلن مان چورين جي  وارداتن ۾ ملوث 2 عورتون گرفتار

0
267
ڪراچي ۾ بنگلن مان چورين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بنگلن مان چورين جي  وارداتن ۾ ملوث 2 عورتون گرفتار ٿي ويون، ساحل ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪئي، بنگلن مان چورين جي وارداتن ۾ ملوث 2 عورتون گرفتار ڪيون ويون

ان سلسلي ۾ ايس پي انويسٽيگيشن جو چوڻ آهي ته گرفتار عورتن ۾ پٺاڻي زال پهلوان ۽ سبين عرف شبو زال قمر شامل آهن

ايس پي انويسٽيگيشن زاهده پروين ڄامڙو جو چوڻ آهي ته عورتن کي ٽيڪنالاجي جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي، عورتن جي قبضي مان بنگلن  مان چوري ڪيل زيور، روڪ رقم،  پرس، گهڙي ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي

ايس پي انويسٽيگيشن زاهده پروين ڄامڙو موجب جوابدار عورتن پنهنجي ساٿين جا نالا به ٻڌايا، انهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، عورتون بنگلن ۾ ڪم ڪار بهاني اُتان چوريون ڪنديون هيون، انهن سان ٻيا به ماڻهو شامل آهن

هي به پڙهندا

سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽  بدليون: آءِ جي سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن جاري