اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ جي بجير پاڙي ۾ گهرن جي ڀرسان ۽ بند گهٽي ۾ موجود هاءِ اسڪول جي ننڍڙي گرائونڊ تي پاڙي وارن جي  اعتراضن توڙي احتجاجن باوجود ٺيڪيدار   ڊگري ڪاليج جو ڪم ٻيهر   شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف  بجير پاڙي جي رهواسين سياسي سماجي اڳواڻن  ڪاليج ننڍڙي ايراضي تي زوري ٺاهڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي  وريام لنجو،اشرف سمون،روشن گرناڻي،صديق بجير،نواز سومرو،عبدالغني بجير،شاهنواز خاصخيلي،عبدالرزاق بجير،احمد علي سانگي ٻين دانهيندي چيو ته تعلقي لاءِ ڏيڍ سال اڳ ڊگري ڪاليج منظور ٿيو، جنهن کي ٺاهڻ لاءِ ڏيپلو روڊ، مهياري روڊ، ننگر پارڪر باءِ پاس تي انتظاميا لوڪيشن سليڪٽ ڪئي، جنهن کي رد ڪري  زبردستي هاڻي   ڪاليج کي شهر اندر ۽ بجير پاڙي جي گهرن ڀرسان  هاءِ اسڪول جي هڪ ننڍڙي گرائونڊ تي ٺاهيو پيو وڃي، جنهن تي پاڙي سميت سموري شهر جي ماڻهن کي اعتراض آهي،  هنن چيو ته ڪاليج کي 12 کان 15 ايڪڙ زمين کپي ٿي پر  ايجوڪيشن کاتي سميت ٺيڪيدار هڪ ايڪڙ تي ڪاليج جا 4 ڪمرا ٺاهي ظلم پيا ڪن،  هنن چيوته ڪاليج جي آڙ ۾  بجير برادري جي ماڻهن کي لڏائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو، هنن مطالبو ڪيو ته ڪاليج شهر کان ٻاهر  خوبصورت نموني سان ٺاهيو وڃي، جئين آبادي متاثر نه ٿئي،  هنن چيو ته ڪاليج واري معاملي تي هاءِ اسڪول انتظاميا کي به اعتراض آهن، هن چيو ته مطالبا پورا نه ٿيا ته اڄ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻنداسين.