حيدرآباد / مٽياري/ هالا(بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ تي ڪجهه  خاندان قابض آهن جيڪي ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن. راجن ۽ مهاراجن جي سياست ملڪ کي ڪٻاڙو بڻائي ڇڏيو آهي. سندن ذاتي انائن سبب عوام جا بنيادي مسئلا حل نٿا ٿين. ماضي ۾ ملڪ مٿان انگريزن جو قبضو هو. جڏهن ملڪ آزاد ٿيو تڏهن کان ان کي انگريزن واري قانون تحت هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. حيدرآباد جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ اخلاقي ۽ نظرياتي دهشتگردي ٿي رهي آهي. حسينيت اها آهي ته ظلم خلاف آواز بلند ڪيو وڃي. ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي ڪجهه خاندان يرغمال بڻائي ويٺا آهن. هاڻي کين انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ رستن تي نڪري گڏجي تحريڪ هلائڻي پوندي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته موجوده حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويو آ هي. ٻئي پاسي مٽياري ۾ سرھندي جماعت جي روحاني پيشوا پير غلام مجدد سرھندي المعروف بابا سائين پاران جماعت اسلامي جو جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ سرھندي جماعت جي روحاني پيشوا پير غلام مجدد سرھندي جماعت اسلامي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو جلسي کي پير غلام مجدد سرھندي خطاب ڪندي چيو ته مون محسوس ڪيو ته پاڪستان ۾ اسلامي قانون تحت ڪا جماعت آھي ته اھا جماعت اسلامي آھي ان ڪري اسان پوري جماعت سميت ھن جماعت ۾ شامل ٿي رھيا آھيون. ھن چيو ته مٽياري ۾ سياست جي حالت آھي جو اسان جي ضلعي ۾ 180 ڪروڙ رپيا آئل ۽ گئس رائلٽي جا ھتي ھتي دربدر پيا ٿين پر ھتي جا وڏيرا ڪميشن جي چڪر ۾ اھي استعمال ڪرڻ نه پيا ڏين. ڪراچي ۽ اندرون سنڌ وارن کي ويڙھائڻ لاء سازشون ڪيون پيون وڃن پر مان اسان جي دوستن کي يقين ٿو ڏياريان ته پوري سنڌ جا سنڌي ڀائر آھن ۽ سنڌ ھڪ آھي ھن چيو ته مان مٽياري جي ماڻھن کي دعوت ٿو ڏيان ته اچو جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان سنڌ کي اسلام جو گھوارو بڻايون ھن چيو ته اسان جي خاندان جي تاريخ آھي ته اسان سر ڪٽايا آھن پر جھڪايا ناھن. جلسي کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي سراج الحق جو چوڻ ھو ته ملڪ ۾ قران ۽ حديث جو قانون لاڳو ڪرڻ ٿا چاھيون ھن چيو ته پيپلز پارٽي ڀٽو خاندان جي پارٽي آھي . نواز ليگ نواز خاندان جي پارٽي آھي . جي يو آئي مولانا فضل الرحمان جي پارٽي آهي پر جماعت اسلام ھن عوام جي پارٽي آھي. ھن چيو ته ھاڻي ظالمن کي يا ظلم ڇڏڻو پوندو يا شھر ڇڏڻو پوندو. حڪمرانن سنڌ کي سينڊوچ بڻائي ڇڏيو آھي.