ڊگھڙي (رپورٽ: انيل ڪمار) ٽنڊو جان محمد واسڻ نينگري آسيه سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، پوليس وارثن کي چڪر ڪاٽرائڻ ۾ رڌل، والد کي گهرائي مرضي جو بيان رڪارڊ ڪرائي  سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرايو، متاثر خاندان لڏپلاڻ ڪري هليو ويو. ان ڏس ۾ زيادتي جو نشانو بڻيل نينگري آسيه جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي قاري محمد ارشد هتي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سندن وڏو ظلم ٿيو آهي، ٽنڊو جان محمد پوليس ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽرائي رهي آهي، هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پوليس پيرسن والد کي ٿاڻي تي گهرائي پنهنجي مرضي جو زبردستي بيان ڏيارائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرايو جنهن سان اسان جي تذليل ٿي آهي، هن چيو ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻه جوابدار اڃا تائين سرعام آزاد گهمي رهيا آهن، اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون، جڏهن ته پوليس اسان کان موبائل جي تيل ۽ ڪيس جي خرچي ۾ هزارين روپيا ڦري چڪي آهي، اسان کي انصاف ملڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي ٽنڊوجان محمد شھر مان لڏي وڃي رهيا آهيون، هن خدشو ڏيکاريو ته اسان جو ڪيس پوليس هٿ وٺي خراب ڪري ڇڏيندي، پوليس جي ناجائزي جو نوٽيس ورتو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته ڪيس جي جاچ ڪنهن ايماندار آفيسر کان ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.