ڏوڪري (ن پ ا) موهن جودڙو تي وفاقي سياحت  کاتي جو رٽائرڊ ٽوئرزم آفيسر فيض محمد ٻگهيو ڊگهو عرصو گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد 75 سال جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم موهن جو دڙو تي وڏي عرصي تائين پرڏيهي سياحن کي عظيم ماڳ جي تاريخ ۽ تهذيب جي اهميت بابت تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جا فرض ادا ڪندو رهيو هوڏانهن مرحوم جي جنازي نماز ڳوٺ ڪاراڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته مرحو جو تڏو ڳوٺ ڪاراڻي ۾ وڇايو ويو آهي.