اسلام آباد(م ڊ) وفاقي راڄڌاني جي پوليس هڪ عورت اهلڪار سميت 20 عورتن سان لڄالٽ ڪري سندن نازڪ عضون کي چٿيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار انهن عورتن کي اسلام آباد هاءِ وي تي ان هنڌ حوس جو نشانو بڻايو جتان روز وي وي آءِ پي چرپر لاءِ سيڪيورٽي لاءِ روٽ لڳايو ويندو آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو چڱو خاصو تعداد اتي مقرر هوندو آهي. جاچ آفيسر رخسار مهدي جو چوڻ آهي ته جوابدار جو واسطو آزاد ڪشمير سان آهي ۽ 6 مهينن کان اهو ڏوهه ڪري رهيو هو. هاءِ وي تي قائداعظم جي وڏي پورٽريٽ جي سامهون جهنگ آهي ان جي ڀر ۾ آبادي مان ماڻهو جهنگ مان گذري هاءِ وي تي ايندا آهن، ان آبادي جون ڪيتريون ئي عورتون اسلام آباد ۾ نوڪري ڪنديون آهن ۽ ان ئي رستي سان اينديون آهن. جوابدار حوس جو نشانو بڻائڻ کان اڳ عورت جي ريڪي ڪندو هو ۽ موقعو ملڻ تي عورت سان لڄالٽ ڪندو هو ۽ وٽس بيهوش ڪرڻ واري دوا ۽ تيز اوزار به رکندو هو ته جيئن مزاحمت ڪندڙ کي بيهوش ڪري سگهي. عورتن کي اغوا ڪرڻ وقت ڪيترن ئي ماڻهن ڏٺو پر ڪنهن به عورتن جي مدد نه ڪئي. نشانو بڻجندڙن ۾ 3 ڀينرون به شامل آهن. پوليس جوابدار جو خاڪو ٺاهيو ۽ ٻن ڏينهن تائين پيڇو ڪرڻ بعد کيس گرفتار ڪري ورتو. 20 مان رڳو ٽن واقعن جا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن. جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته هو تيز اوزار تي عورتن کي يرغمال بڻائي جهنگ ۾ وٺي ويندو هو ۽ گوڙ ڪرڻ تي عورتن کي بيهوش ڪري حوس جو نشانو بڻائيندو هو. جوابدار جي عمر 25 سال، مڊل پاس ۽ اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ گهرن ۾ بورچي رهي چڪو آهي.