اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ڇنڇر 8 مئي تي سعودي جي دوري تي ويندو، سڌ سماءِ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان 25 رمضان تي سعودي جي دوري تي ويندو، جنهن دوران هو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين سان اهم ملاقاتون ڪندو، رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ سعود جي دوري تي وڃڻ سبب وزيراعظم عمرو به ادا ڪندو ۽ پاڪستان لاءِ خصوصي دعا به گهرندو.