اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ٿري ايم پي او تحت گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آيه ته ڊپٽي ڪمشنر کي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري جو آرڊر جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ گرفتاري گھربل هجي ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن سببن تي ٿري ايم پي او تحت ڪارروائي ٺهي ٿي؟ اسد قيصر جي درخواست ۾ وفاقي گھرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٿري ايم پي او تحت مختلف اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويوآهي، درخواست گزار خلاف به 2 ڪيس ڪيا ويا آهن جن ۾ عبوري ضمانت ورتل آهي پر خدشو آهي ته ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويندو.