راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي سان اڊيالا جيل ۾ سندس ڌيءُ گوهر بانو قريشي ۽ وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ ملاقات ڪئي، وڪيل جي شاهه محمود قريشي سان قانوني معاملن تي اهم مشاورت ٿي. پي ٽي آءِ اڳواڻ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان گڏ هيس، آهيان ۽ رهندس. تيمور ملڪ چيو ته شاهه محمود قريشي جي غير قانوني نظربندي جي حوالي سان اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ پنڊي بئنچ ۾ اهم ٻڌڻي ٿيندي. ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي، عمران خان ۽ پارٽي ڪارڪنن کي پيغام ڏيندي چيو ته آئون عمران خان سان گڏ هيس، آهيان ۽ رهندس.