اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بدلجندڙ سياسي صورتحال، جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان پشاور ۾ ديرا ڄمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ جمعي ڏينهن مولانا فضل الرحمان پشاور پهچندو، مولانا فضل الرحمان ٽن ڏينهن تائين پشاور ۾ رهندو، جنهن دوران هو مرڪزي مجلس شوريٰ جي اجلاس جي صدارت به ڪندو، جي يو آءِ جي اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، ايندڙ چونڊن ۽ ٻين سياسي ۽ جماعتي مامرن تي به غور ڪيو ويندو.