ڪراچي: جاپانين سان گڏ ڊيوٽي تي موجود سيڪيورٽي گارڊن ٻڌايو ته اسان ريوو گاڏي ۾ سوار هئاسين، اسان جي گاڏي پويان هاءِ ايس وين ۽ فارچيونر گاڏيون هيون، جن ۾ جاپاني سوار هئا اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو، اسان ڏٺو ته هڪ دهشتگرد فائرنگ ڪري رهيو آهي، فائرنگ سبب هاءِ ايس وين ۽ فارچيونر گاڏي کي گوليون لڳيون، اسان جوابي فائرنگ ڪئي،  فارچيونر گاڏي کي پوئتي وڃڻ جو اشارو ڪيو ته جيئن اها حملي کان محفوظ رهي. ٿوري ئي مفاصلي تي موجود پوليس اهلڪار ڌماڪي جو آواز ٻڌي فوري طور تي پهتا، هنن  جوابي ڪارروائي ڪري هڪ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو، گارڊن جو چوڻ هو ته ڌماڪو ايترو شديد هو جو وين جا شيشا ٽٽي ويا. اسان جو هڪ گارڊ شهيد  ۽ ٻيو زخمي  ٿيو.