اسان جو نڪاح ٿيو آهي رخصتي اڃا ناهي ٿي:ڪنول آفتاب

0
399

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور ٽڪ ٽاڪر جوڙي ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جو نڪاح ٿيو آهي رخصتي اڃا ناهي ٿي. تفصيل موجب ٽڪ ٽاڪر جوڙي ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ٻنهي ڄڻن مختلف سوالن جا جواب ڏنا. شادي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي ذوالقرنين چيو ته ڪورونا وائرس سبب اسان جو نڪاح گهر ۾ هڪ ننڍي تقريب ۾ ٿيو آهي پر رخصتي اڃا رهيل آهي. ڪنول آفتاب چيو ته جلد ئي رخصتي ٿيندي ۽ وڏي تقريب سڏائينداسين.