ارون ڌتي راءِ جي ڪتاب “آزادي” تي تبصرو

0
264
ارون ڌتي راءِ جي ڪتاب “آزادي” تي تبصرو

 ارونڌتي راءِ انڊيا جي هڪ منفرد ليکڪا آهي جنهن جي لکڻين کي سموري دنيا ۾ پذيرائي ملي آهي. سندس پهرين ناول “ننڍڙين شين جو خدا” The God Of Small Things  کي ادب جي هڪ نوبل انعام مينز بوڪر پرائيز مليو سندس ٻيو ناول “The Ministry of Utmost Happiness” به مين بوڪر پرائيز 2017ع جي لسٽ ۾ شامل هو. سندس هي ڪتاب آزادي ( Freedom, Fascism & Fiction)  2020ع جي آخر ۾ شايع ٿيو هو. جنهن ۾ ڪجهه هن جا ليڪچر آهن جيڪي مختلف ملڪن جي مختلف فورمن دوران ڏنا ويا هئا ۽ ڪجهه پنهجا لکيل مضمون آهن جيڪي 2018ع ۽ ع2020 جي درميان جا لکيل آهن.

 ارونڌتي راءِ هڪ دلير، بي باڪ ۽ انسان دوست ليکڪا آهي جنهن جي دل هميشه پيڙهيل طبقن، دلتن، اقليتن، آديواسين ۽ مظلومن جي حقن لاءِ ڌڙڪي ٿي. سندس قلم کي ڪنهن به قسم جي واڳ ڏنل نه آهي سندس قلم هر قسم جي پابندي کان آزاد آهي، جيڪو ملڪ يا دنيا ۾ ڪٿي به  ٿيندڙ ظلمن خلاف نه خاموشي اختيار ڪري ٿو ۽ نه ئي ڪو سمجهوتو. سندس هي ڪتاب آزادي به انهن ماڻهن لاءِ لکيل آهي جيڪي انڊيا جي حڪمران نريندر مودي جي غلط پاليسين سبب پيڙهيل آهن. هن ڪتاب ۾ ارونڌتي راءِ ڪشميرين جي لاءِ بي باڪي سان آواز بلند ڪيو آهي. آئون نه ٿو سمجهان ته پاڪستان ۾ ڪو اهڙو قلمڪار هجي جيڪو حڪومت جي غلط پاليسين ۽ ظلمن خلاف ايئن جرئتمندي سان لکي. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 9 باب آهن جنهن ۾ ٻولي ادب، مودي حڪومت جا عوام سان ڪيل ظلم، ڪمشير جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم، سسٽم جون ناڪاميون ۽ هڪ باب ڪووڊ تي به لکيل آهي.

هو پنهنجي تعارفي ليک ۾ لکي ٿي ته “ هن ڪتاب جي پبلشر سائمن پروسر مونکان پڇيو ته آئون آزادي بابت ڇا سوچيان ٿي؟ مونکي حيرت آهي ته مون بنا جهجهڪ هڪ ئي پل ۾ چيو ته “هڪ ناول”، ناول  ليکڪ کي آزادي ڏي ته هو جيڪو لکڻ چاهي لکي سگهي ٿو، هو دنيا ۾ ڪٿي به وڃي سگهي ٿو ٻوليون، وقت، معاشرا ۽ برادرين کان ويندي  سياست. منهنجي لاءِ هڪ ناول آزادي آهي جنهن جون ڪجهه ذميواريون به آهن.”

هُو لکي ٿي ته انڊيا ۾ تقريبن 780 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جن ۾ صرف 22 ٻوليون اهڙيون آهن جيڪي انڊيا جي آئين ۾ تسليم ٿيل آهن. جن ۾ به هندي ۽ انگريزي کي وڌيڪ اهميت ملي ٿي. هو چوي ٿي ته انڊيا ايڏو وڏو ملڪ آهي ۽ ايتريون قومون آهن تنهن باوجود به مودي سرڪار جي پارٽي؛ RSS، هڪ ملڪ، هڪ قوم، هڪ ٻولي واري نعري کي فروخ ڏي پيو. حالانڪه انهن کي ٻين ملڪن جي تجربن مان سکڻ گهرجي جيئن  پاڪستان، اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي ڳالهائيندڙ شهرين تي اردو ٻولي غالب ڪرڻ چاهي ته اڌ ملڪ ٽٽي ويو، سريلنڪا پنهنجي تامل شهرين تي شنهالا ٻولي مڙهڻ چاهي ته نتيجي ۾ سالن تائين خوني خانا جنگي جاري رهي. هڪ جڳھه تي هُو لکي ٿي ته اردو زبان ۾ پيار ۽ محبت لاءِ ڪيترائي لفظ آهن پر Vagina لاءِ ڪو به لفظ نه آهي. ٻولين بابت هُن جا مختلف ذاتي تجربا آهن ڇو ته هُن جي ماءُ شامي عيسائي مذهب جي هئي ۽ پيءُ ڪولڪتا جو بنگالي هو جيڪو هڪ چانھه جي ڪمپني ۾ مينيجر هو جنهن سبب هو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي ويندا رهندا هئا.

هونئن ته هن ڪتاب جا سڀئي باب بهترين آهن پر چوٿون باب “ ادب جي ٻولي” دلچسپ آهي. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته ارون ڌتي راءِ جي مشهوري پنهنجي لکيل ناولن جي ڪري آهي. ان ڪري هن کي فڪشن رائيٽر طور مڃتا مليل هئي پوءِ هن سياسي ۽ سماجي، ماحولياتي مسئلن تي لکڻ شروع ڪيو. مختلف آرٽيڪل لکيا جيڪي ماڻهن پنهنجي ٻولين ۾ ترجمو ڪري ماڻهن کي پڙهايا، يونيورسٽين ۾ پمفليٽ جي طور ورهايا ويا ۽ ايئن  هُو هڪ پوليٽيڪل ايڪٽيوسٽ طور مشهور ٿي وئي. انڊين حڪومت لاءِ هُو ملڪ دشمن عنصرن ۾ شامل آهي پر هُو بي زبان عوام جو آواز آهي. ادب جي باري ۾ هُو لکي ٿي ته “ اسان جيڪڏهن مستقبل ۾ جهاتي پائيندا سين ته اتي بيوقوفن جي ويڙهه آهي جنهن ۾ فيسبوڪ جا لائيڪ، فاشسٽ مارچ، ڪوڙي خبرن جي ڪري انتشار ۽ هڪ اهڙو مقابلو نظر ٿو اچي جنهن جي ڇيڙو صرف تباهي آهي. ان ۾ ادب جي جاءِ ڪٿي آهي؟ ادبي لحاظ کان ڪهڙيون شيون ڳڻجن؟ ۽ انهي جو فيصلو ڪنهن جي اختيار ۾ آهي؟ يقينن ان جو جواب نه هوندو” هن جڏهن مضمون لکڻ شروع ڪيا جيڪي اڪثر بي جي پي جي خراب پاليسين جي خلاف هئا ڪشميرين جي حق جون ڳالهيون هيون، غيرقانوني ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻيلن جي واڍي خلاف، ماحوليات، ندين ۽ ڍنڍن جي حفاظت کان ويندي هر ڊيموگرافي، ٻولي ۽ عوام جي حقن بابت هئا.

جنهن کانپوءِ راءِ کي هر طرف کان صلاحون ملڻ لڳيون توهان لکڻ ڇو بند ڪيو، توهان فلاڻي  موضوع تي لکو مطلب هر هڪ پنهجي مطابق صلاحون ڏئي رهيو هو. ان کانپوءِ هُن کي سمجهه ۾ آيو ته ادب اهڙو هجي جنهن جي اسان کي ضرورت هجي، اهو ادب اسان کي تحفظ به فراهم ڪري تحفظ جيڪو هر قسم جو  هجي. ارون ڌتي راءِ لکي ٿي ته “آئون حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ ويس جتي 6 سئو شاگرد ٻڌندڙ طور ويٺا هئا.منهجي کاٻي پاسي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو جيڪو ميزباني ڪري رهيو هو ۽ منهنجي ساڄي پاسي شاعري جو پروفيسر ويٺو هو. وائيس چانسلر منهجي ڪن ۾ سُس پُس ڪئي ته اوهان فڪشن تي وڌيڪ وقت ضايع نه ڪجو توهان جون سياسي لکڻيون اهڙيون آهن جن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. شاعري واري پروفيسر ڪن ۾ سس پس ڪئي ته اوهان فڪشن لکڻ ڪڏهن شروع ڪندو، هي موقعو اهم آهي اوهان اعلان ڪري ڇڏيو ڇو ته توهان جيڪي ٻيون شيون ڪيو ٿا اُهي عارضي آهن”.هي ڪتاب هڪ دلچسپ ۽ غير معمولي ڪتاب آهي جنهن جي پڙهڻ سان ڪيترين ئي ڍڪيل ڳالهين تان پردو کڄي ٿو. يا ڪنهن کي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته گذريل ٻه ٽي سالن ۾ مودي سرڪار ملڪ ۾ ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ماضي ۾ ڇا ڇا ڪندا پيا اچن هو لازمي پڙهن. ڪجهه بابن ۾ ڳالهيون دهرايل آهن جن سان ٿوري بوريت محسوس ٿئي ٿي پر ٿلهي ليکي بهترين ڪتاب آهي. ارون ڌتي جهڙا ليکڪ قوم جو سرمايو هوندا آهن جيڪي پنهجي نجي زندگي ۽ ڪيترائي پريشر سختيون ۽ سزائون ڀوڳين ٿا پر پنهجي قلم کي خاموش ڪونه ٿا ڪن.

هيٺ ڪتاب مان ترجمو ڪري ڪجهه چونڊ ٽُڪڙا پيش ڪجن ٿا.

“سرمائيدار ملڪن جي بي مقصد جنگين ۽ پابندين جي لالچ هن گره کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ پناهگيرن سان ڀري ڇڏيو آهي. جنهن جو گهڻو بار آمريڪا جي ڪلهن تي وڃي ٿو. آمريڪا  طرفان افغانستان ۾ طالبانن کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن تي بم وسائي ان کي پٿر جي دور ۾ تبديل ڪيو ويو ۽  سترنهن سالن کانپوءِ وري انهن ئي طالبانن سان امن بابت ڳالهيون پيو ڪري. ان کان اڳ عراق، لبيا ۽ شام کي تباھه ڪيو جنهن ۾ لکين ماڻهو مري ويا، اتي جنگ مڙهي پابنديون لڳائي افراتفري پکيڙي هڪ قديم خطي کي مٽي جو ڍير بڻائي ڇڏيو”

“اسان جي ڪشمير ۾ مئل هميشه زنده رهندا ۽ جيڪي زنده آهن اُهي مئلن جهڙا آهن”

“جيئن ئي 2019ع جي جنرل اليڪشن جي شروعات ٿي ته آڪڙن جي مطابق مودي ۽ ان جي پارٽي جي شهرت گهٽجي رهي هئي. اسان کي خبر هئي ته هي هڪ خطرناڪ لمحو آهي. اسان مان گهڻن جو اهو اندازو هو ته هڪ مصنوعي حملو يا جنگ جو ماحول ملڪ جي موڊ کي تبديل ڪري سگهي ٿو.  فيبروري 2019ع ۾ جنرل اليڪشن کان ڪجهه هفتا پهرين اهو حملو ٿيو. ڪشمير ۾ هڪ آپگهاتي بمبار پنهنجو پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو جنهن سبب 40 سپاهي مري ويا. اهو حملو ڪوڙو هو يا نه پر ٽائيمنگ بلڪل درست هئي. مودي ۽ سندس ڀارتي جنتا پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ۾ اچي وئي هئي”