ارسا سنڌ جو مسئلو حل ڪرڻ بدران ڌُر بڻجي سامهون اچي وئي:صوبائي وزير

0
210
ڪراچي: سهيل سيال جي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ارسا سنڌ جو مسئلو حل ڪرڻ بدران ڌُر بڻجي سامهون اچي وئي، ريگيوليٽري اٿارٽي کي اهڙو رويو نٿو سونهين، سنڌ سرڪار پاڻي مسئلي تي ارسا جي دعوائن ۽ پڌرائي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، آبپاشي وزير طرفان سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي ملڻ ۽ بلوچستان جو پاڻي چوري ثابت ڪرڻ جو چئلينج، صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ارسا 91ع واري معاهدي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي سوڌو لڳاتار ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، خريد جي مند ۾ سنڌ کي 28 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو، ارسا ڪوڙ ڳالهايو ته 4 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ باوجود بلوچستان کي حصي جو پاڻي ملي ٿو، سنڌ سرڪار پاڻي جي ورڇ ۾ زيادتي خلاف سي سي آءِ سوڌو هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، وفاقي سرڪار ۽ ارسا طرفان احتجاجن جي ڪابه موٽ نٿي ڏني وڃي..