بل گيٽس جا ڪمپني جي عورت ملازم سان لاڳاپا هئا: امريڪي اخبار جي دعويٰ

0
516

نيويارڪ: آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته مائڪروسوفٽ جي باني بل گيٽس جا سندس ڪمپني جي هڪ عورت ملازم سان لاڳاپا هئا. وال اسٽريٽ جرنل هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته بل گيٽس انهن الزامن جي جاچ بعد بورڊ آف ڊائريڪٽر جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏني. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عورت ملازم انڪشاف ڪيو ته بل گيٽس ۽ سندس لاڳاپا ورهين کان هئا. ٻئي طرف مائڪروسوفٽ جي ترجمان چيو آهي ته جيڪي واقعا 2000 ۾ ٿيا سي 2019 ۾ منظر عام تي آيا، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي هڪ ڪميٽي معاملي جو جائزو ورتو ، هي واقعو 20 سال پراڻو آهي ۽ تعلق بهتر طور تي ختم ٿيو. ترجمان چيو ته بل گيٽس جي ڪمپني ڇڏڻ جو سبب فلاحي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ هو. ياد رهي ته بل گيٽس ۽ ميلنڊا جي 27 سالن جي شادي 3 مئي تي طلاق سان ختم ٿي وئي.